حيدرآباد ۾ اسڪول ملازم حقن کان محروم، احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي استادن ۽ ملازمن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حافظ حاجن ابڙو، شعبان وسطڙو، حافظ شڪور ۽ ٻين چيو ته پنهنجي حقن لاءِ مسلسل سراپا احتجاج آهيون، جڏهن ته مڪمل پگهارن کان نطرانداز ڪيو ويو آهي، اسين اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو پڻ اعلان ڪيون ٿا. هنن چيو ته آءِ بي اي سکر اسڪول کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسڪول ۾ نوان نوان پنهنجا نوازي تحت استاد رکيا ويا آهن. هنن چيو ته آءِ بي اي سکر ڀرتيون ڪري اسڪول تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ چاهي ٿي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انتظاميه کي تعليم جي معيار جي پرواهه ناهي، صرف قبضو ڪري ڪرپشن ڪئي ويندي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن جائز حق تسليم ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.