اسلام ڪوٽ ۾ احتجاج بعد ڪاليج جو هنڌ تبديل

اسلام ڪوٽ(ت،ر)ااسلام ڪوٽ ڪاليج جو هنڌ تبديل ٿي ويو،پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي شهرين کي مان ۽ اهميت ڏيندي ڪاليج کي شهر کان ٻاهر کليل ميدان ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي،سماجي اڳواڻ راجا اڻنڌاڻي باءِ پاس روڊ تي پنهنجي سروي ٻنيءَ مان ڪاليج کي 2 ايڪڙ زمين گفٽ ڪري ڇڏي،شهرين پاران ڪاليج کي باءِ پاس روڊ ۽ سُٺي لوڪيشن تي منتقل ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي،سابق ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،سابق ناظم گهنشام داس پارواڻي،واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي،آدم هنگورجو،وڪيل منور ساگر،صحافين عبدالغني بجير،مبارڪ بجير،اسماعيل بجير،غازي بجير،شاهنواز خصخيلي ۽ راجا اڻنڌاڻي پاران گڏجي گفٽ ڪيل 2 ايڪڙ زمين جو جائزو ورتو ۽ بهترين لوڪيشن تي هنڌ هجڻ ڪري اُتي ڪاليج کي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو،جنهن جو ڪم سڀاڻي کان شروع ڪيو ويندو،اُنهي موقعي تي پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي چيو ته شهرين جي اعتراضن بعد ڪاليج ٻاهر سُٺي لوڪيشن ڏانهن منتقل ڪئي آهي،جنهن جو ڪم سڀاڻي کان اُتي شروع ٿيندو،راجا اڻنڌاڻي کي جس هجي جنهن ڪاليج لاءِ پنهنجي سروي زمين مفت گفٽ ڪئي آهي،جيڪا هڪ وڏي قرباني آهي،تعليمي ادارا اسان سڀني جا آهن،اُنهي جي مالڪي گڏجي ڪنداسين،آئون سمورن شهرين جو شڪرگذار آهيان جن عزت ۽ مان ڏنو آهي،سماجي اڳواڻ راجا اڻنڌاڻي چيو آهي ته منهنجي لاءِ فخر ۽ خوشي جي ڳالھ آهي ته ڊگري ڪاليج منهنجي سروي زمين تي ٺهي ٿي،آئون 2 ايڪڙ زمين جي رجسٽري ڪرائي ڪاليج نالي ڪيان ٿو،ڪم اڄ کان ئي ڀلين شروع ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.