حڪومت جو صحافين ڏانهن غير جمهوري رويو!

پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي واري بل خلاف ملڪ جي سمورين صحافتي تنظيمن، ادارن ۽ ميڊيا هائوسز جو احتجاج هلندڙ آهي، انهيءَ دوران گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي اجلاس دوران صحافين کي پارليمينٽ جي سرگرمين جي ڪوريج ڪرڻ کان روڪيو ويو، صحافين کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلريءَ کي پڻ بند ڪيو ويو جڏهن ته پارليامينٽ هائوس جو مک دروازو پڻ سيل ڪيو ويو ۽ مهمانن جي اچ وڃ لاءِ وزيراعظم هائوس وارو رستو استعمال ڪيو ويو. ان کانپوءِ پارليامينٽ جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تنظيم  پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو باڊي پارليامينٽ جي گيٽ نمبر هڪ اندر سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ( پي آر اي) جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي اجلاس کي ڪور ڪرڻ لاءِ رپورٽرز کي ڪارڊ پڻ جاري نه ڪيا ويا.

ملڪ جي پارلياماني تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو آهي جو ڪنهن جمهوري دور حڪومت ۾ صحافين کي پارليامينٽ جي سرگرمين جي ڪوريج ڪرڻ کان روڪيو ويو هُجي، جڏهن ته ملڪ جي پارلياماني تاريخ جي اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته ملڪ جي ڪنهن به غير جمهوري حڪومت ۾ ڪڏهن صحافين کي پارليامينٽ جي ڪوريج ڪرڻ کان نه روڪيو ويو ۽ نه ئي وري پارليامينٽ جي مکيه دروازي کي صحافين کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، موقعي تي جيڪي صحافي پارليامينٽ جي ڪوريج ڪرڻ آيا هيا، انهن جا نه ته ڪي سياسي مقصد هيا ۽ نه ئي انهن حڪومت خلاف ڪو احتجاج پئي ڪيو، جيڪڏهن مجموعي طور تي صحافي برادريءَ جو پاڪستان ميڊيا اٿارٽيءَ واري بل جي حوالي سان ڪو احتجاج هلندڙ آهي ته اهو پارليمانيٽ جي حدن کان ٻاهر آهي، پارليامينٽ جي سرگرمين جي ڪوريج ڪرڻ وارو عمل نج پج صحافين جي پيشيواراڻي سرگرمين جو حصو هو.

موقعي تي اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر تحريڪ انصاف جي حڪومت کي صحافت ۽ صحافين کان ڪهڙو خطرو ٿي سگهي ٿو؟، ڇا، صحافين کي پارليامينٽ جي ڪوريج کان روڪڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر  جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو ڪنهن به طور تي پارليامينٽ جي جمهوري روايتن جو پاسدار آهي؟، سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ملڪ جي صحافين جي قلم کي ڀڃي ڀور ڪرڻ، صحافين جي زبان کي تالا هڻن ۽ صحافتي ادارن کي پنهنجو متيع ڪرڻ ذريعي حڪمت حاصل ڇا ٿي ڪرڻ گهري؟، ۽ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته صحافت کي سرڪار جي تابع ڪرڻ سان ڇا ملڪ جا سمورا معاشي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلا حل ٿي ويندا؟.

اسان ان خيال جا آهيون ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران ملڪ جي صحافين خلاف ڪارروايون ڪرڻ ۽ صحافتي ادارن کي تباهه، برباد ۽ پنهنجو متيع بڻائي جيڪو مقصد حاصل ڪرڻ گهري ٿي، شايد اهو پورو ٿي نه سگهي، اڄڪلهه جو دور روايتي ميڊيا جو نه پر غير روايتي ميڊيا جو آهي، جتي عوام جي آواز کي عوام تائين پهچائن لاءِ هڪ نه پر هڪ هزار ذريعا موجود آهن، اهي به انتهائي سستا ۽ تڪڙا، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت صحافت کي پابند سلاسل ڪرڻ گهري ٿي ته پوءِ اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته هيءَ حڪومت انتهائي ڪمزور آهي.

اسان سمجهون ٿا ته صحافت رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، ۽ اها ڳالهه رڳو اسان جي چوڻ جي نه آهي پر عالمي طور تي هڪ مڃيل اصول جي آهي، دنيا جا جيڪي به سڌريل ملڪ آهن انهن جي حڪومتن ڪڏهن به اهو تصور نه ڪيو آهي ته صحافين کي پارليامينٽ جي ڪوريج ڪرڻ کان روڪيو وڃي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ پارليامينٽ جي ڪوريج ڪرڻ کان صحافين کي روڪڻ ۽ پارليامينٽ جي گيلريءَ کي ئي بند ڪري ڇڏڻ سان، اسين نه ٿا سمجهون ته ڪو پرڏيهي دنيا ۾ پاڪستان متعلق ڪا سٺي خبر وئي هوندي يا ڪو پاڪستان متعلق اظهار جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ ڪو سٺو تاثر قائم ٿيو هوندو، پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته پاڪستان متعلق اظهار راءِ جي آزاديءَ متعلق جيڪا تنقيد ٿيندي رهي آهي ان عمل سان اها سڄي تنقيد عالمي سطح تي درست ثابت ٿي چڪي آهي، اهڙي تاثر جي پاڪستان کي ڪيتري ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي ان جو اندازو موجوده حڪومت جي ذميوارن کي مشڪل سان هوندو، هو شايد اهو ٿا سمجهن ته پنهنجي ملڪ ۾ هو خاني خان آهن، هو جيڪو به ڪندا ان متعلق کائن ڪو به پڇاڻو نه ٿيندو، پر حقيقت ائين نه آهي.

اسان ان خيال جا آهيون ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران صحافين کي پارليامنيٽ جي ڪوريج کان روڪڻ وارو عمل حڪومت جي زوال جي نشاني آهي، ڇو جو جڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي سڌاري لاءِ صلاح ڏئي ته سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته ان کي ٻڌي، ان تي عمل ڪري نه ڪري اها سندس مرضي آهي، پر ان کي رد ڪرڻ ۽ دٻائڻ ڪنهن به طور تي سياڻپ جي نشاني نه آهي، اسان اهو به چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ملڪ ۾ صحافت ۽ صحافتي ادارن تي پابنديون مڙهڻ سان رياست متاثر ٿئي ٿي نه ڪي حڪومت، ان موقعي تي بهتر اهو ٿيندو ته رياست ۽ حڪومت جي تعلق کي سمجهڻ بعد ئي ڪي قدم کنيا وڃن.

اسان هڪ دفعو وري پنهنجو اهو ئي موقف ورجائينداسين ته جيڪڏهن سرڪار کي يا رياستي ادارن کي ملڪ ۾ صحافت جي ترقيءَ ۽ اصلاح لاءِ ڪي به قدم کڻڻا آهن ته اهي ملڪ جي صحافتي ادارن، صحافتي تنظيمن ۽ ملڪ جي ناميارن ۽ ذميوار صحافين جي صلاح مشوري سان ئي کنيا وڃن، ڪو به هڪ طرفو فيصلو نه ته سماج کي قبول هوندو آهي ۽ نه ئي وري ساڃاهه کي، ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن فيصلي جا موثر نتيجا نڪرندا آهن، اڃان به سوچ ويچار سان وک وڌائڻ جو وقت آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.