افعانستان جون حالتون ۽ انقلابِ ثور 

تحرير؛رياض ابڙو 

افغاني صورتحال شروع کان ايڏي مبهم، مشڪل، مذهبي، شدت پسند، ٿڙيل، وڪائو، بازاري وکر جهڙي، دهشت پسند، سولين آرمي جهڙي ۽ اهڙي خوف واري جنهن ۾ رڳو تضبضب نما ڪيفيت رهندي آئي آ معني ڪڏهن به ڪا شيءِ ٿي پوڻ واري، ڪڏهن ڪميونسٽ، ڪڏهن لبرل، ڪڏهن جمهوري پسند، ڪڏهن شدت پسند، ۽ ماڻهو به اهڙا جو جاڏي ڇڪجين تاڏي لڙي پون، ڪنهن سان به سچا نه، جيڪڏهن آءِ ايس آءِ، سي آءِ اي جي اشاري تي ڪجھه به چيو، ڪيو، ڏسيو ۽ ٻڌايو ته ٿي ويو، روس جي صدر سان سهمت ته ڪڏهن دوها ۾ ويهي ڳالهين لاءِ تيار، ڪڏهن تهران سان به ڳالهين لاءِ تيار، ڪڏهن آءِ ايس آءِ جي ڳالھه ٻڌڻ لاءِ به تيار، معني ڪو به، ڪڏهن به، ڪاٿي به، ۽ سياسي قبلو درست نه رکين يا جنهن مان انهن کي ڪو کڻي مالي، مذهبي، معاشي ۽ معاشرتي فائدو ٿيو به هجي هي انهن جا پر هنن جي ڪري اسان سدائين ٽوٽ ۾ رهياسين، روس جي تڙي ڪڍڻ ۾ اسان جي ٽياڪڙي ۽ آءِ ايس آءِ سدائين اڳڀري جو جيئن سي آءِ اي چئي تيئن ڪرڻو آ، مالي، فوجي، ڊالري مدد ڪرڻي آ ته به تيار، اتي مذهب سدائين پاسي تي، حيرت آ اهڙي صورتحال تي، ڇو ته اهڙي فنامنا جي ڪري اسان کي وڏو شيهو رسندو آيو آ، جنهن جو ازالو ڪرڻ تمام مشڪل آ، يا نه ٿو ٿي سگهي، ڇو ته شدت پسندي، دهشت پسندي، اسلامو فوبيا جي ڪري اسان جي نسلن جو جيڪو نقصان ٿو ٿئي ان جو ازالو ڪرڻ مشڪل آ، ڇو ته دنيا مغرب پسندي جي قائل آ ۽ رهندي، يا چئون ته اسان جي ڪير به نه ٻڌندو، سڀ مغرب ـ مائل آهن، ڇو ته سڀ مغرب وٽ آ، تعليم جيڪا اسان پڙهڻ ٿا چاهيون يا جيڪا پڙهائي ٿي وڃي ان جا پيرا ته مغرب ڏي ٿا وڃن يا اسان جو اليٽ ڪلاس مغرب شده آ نه ڪي ڪو مدرسي ـ شده آ، ترقي جيڪا اسان ڪرڻ چاهيون ٿا اها آهي ئي مغرب جي طرز جي، ٽيڪنالاجي اسان ڏي اچي ئي مغرب جي طرفان انعام ٿي، پوءِ اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪيون؟ يا اسان جي جان ڪيئن ڇڏندي، ڇو ته اسان باءِ ڊفالٽ اهڙي خطي ۾ اڙيل آهيون جنهن مان نڪرڻ مشڪل آ، پر ڪمپرومائيزز جيڪي نسلن کان نسلن تائين رهندا ايندا ۽ ڪبا هلبا، يا ”آدها تيتر ۽ آدها بٽير“ نه هيڏانهن جا نه هوڏانهن جا، پوءِ ڇا ڪجي جو افغان صورتحال جي ڪري اسان جي سڀ ترقي، تعليم ۽ تهذيب ۽ تمدن ڌوڙ آ، اسان افغان صورتحال جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون ۽ افغان ته شروع کان ئي اهي آهن ئي اهڙا جيڪي مٽبا ڪو نه.

ڳالھه وري 27 اپريل 1978 واري واقعي جي ڪجي جڏهن صدر محمد دائود خان جي حڪومت هئي تڏهن ”ثور انقلاب“ جي وڏي ڌم لڳي پئي هئي، صدر دائود پنج سال اڳ پنهنجي سئوٽ ظاهر شاھ کان بادشاهت ورثي ۾ ورتي هئي، ڇو ته هن پنهنجي سئوٽ ظاهر شاھ سان واعدو ڪيو هو ته ”هو افغانستان ۾ جمهوريت کي قائم ۽ دائم رکيون ايندو، پوءِ هن جي حڪومت ۾ وڏو اثر آ، هن کي اهي سڀ حرفتون ايندون آهن، جنهن ۾ عوام کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي، مخالفن کي ڪيئن ڪچلي ۽ مارائي ڇڏجي، ان ڪري هو افغانستان ۾ وڏو ديرپا هوندو ۽ هن جي حڪومت پائيدار هوندي“ ڇو ته صدر دائود جي حڪومت پنهنجي دور ۾ ”لينڊ رفارمز“ ڏاڍا سخت ڪيا هئا، هي وڏو سخت، ڊڪٽيٽر ٽائيپ صدر هو، تمام ايماندار، ڪم گو ۽ وڏي رعب تاب وارو شخص هو، پنهنجن وزيرن سان گهٽ ڳالهائيندو هو، جي زور به پوندو هيس ته ميٽنگ ۽ محفل ۾ به ٻه لفظ ڳالهائي بس ڪندو هيو جنهن جي لاءِ اهو هوندو هيو ته هن جا وزير هن جي ڳالھه سمجھندا ئي نه هيا يا ٻيهر پڇڻ جي همت به نه ڪندا هيا، هن جي ڀرپور ڪوشش هوندي هئي ته هو پي ڊي پي اي (پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان) ۾ ڏار وجھي، انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ته جيئن هن جي مخالفت نه ٿي سگهي، پر پي ڊي پي اي جي وڌندڙ مقبوليت جي ڪري 27 اپريل 1979 ۾ ريڊيو افعانستان تان خبر هلي ته “اڄ خدا جي خلق صدر دائود جو تختو انڌو ڪري ڇڏيندي“ ڇو ته پي ڊي پي اي پارٽي ڪميونسٽ پارٽي هئي ان کي روس جي پٺڀرائي حاصل هئي، وري ان ڏينهن خبر هلي ته ”هنن جي پارٽي ميڊيا تي ڪنٽرول ڪري ڇڏيو آ“، وري ورندي صبح جو خبر هلي ته ڪابل سڄو باغين جي ڪنٽرول ۾ آ ۽ پي ڊي پي اي صدر دائود سميت هن جي گھڻي ڀاڱي خاندان جي ماڻهن کي ماري ڇڏيو آ، ”بروس اي فليٽن“ جيڪو ڪابل ۾ 1977 کان 1979 تائين آمريڪن ڪائونسلر هيو ۽ ”لوئس ٽيلر“ جيڪو 1977 کان 1980 تائين ڊائريڪٽر آف آمريڪن ڪلچر رهيو، انهن کان هڪ انٽرويو ۾ اهو سوال ڪيو ويو هو ته توهان ان سڄي انقلاب کي ڪيئن ڏٺو، ان جي جواب ۾ هن چيو ته ”صدر دائود کي باغين اهڙو ورايو هو جو هن کي جواب ڏيڻ جي مهلت نه بچي ۽ اهو حوصلو هاري ويٺو ته هاڻي حڪومت ڪيئن هلائجي، ڇو ته ماڻهن ۾ خوف واري ڪيفيت رهندي آئي، ته جي صدر دائود کي ڪجھه ٿيو ته هو ماڻهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندو، ڇو ته هڪ اها به ڳالھه هئي ته جن ماڻهن سان هي غلط ورتاءُ ڪندو هو، مخالفن کي گم ڪرائي ڇڏيندو هو، ۽ پنهنجي عوام سان به صحيح ۽ سٺو ورتاءُ نه ڪري سگهندو هو، ماڻهن ۾ عام راءِ اها به هئي ته هي ملڪ نه هلائي سگهندو، هن صدر ۾ ايترو دم ئي ناهي، ان ڪري ماڻهن ۾ هن جي لاءِ اعتماد ختم ٿي ويو هو، تان جو اهڙا واقعا 1978 واري انقلاب جا پيرا کڻي آيا“.

پر هلندي هلندي وري ”خلق ۽ پرچم“ پي ڊي پي اي ڪميونسٽ پارٽي جا ٻه ڌڙا ٺهي ويا هئا، جيڪي وري پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، جيڪي وري 1977 تائين ڪجھه ڳالهين ۾ ٺهي ويا، ڇو ته اهي اها ڳالھه سمجهن پيا ته جي هڪ نه ٿيندا ته صدر دائود جي حڪومت هنن کي ڪيرائي رکندي، يا اهي وري پاڻ ۾ وڙهي به ڪجھه نه ڪري سگهندا، ۽ 1978 ۾ وري ليبر اڳواڻ هڪ ايئر اسٽرائيڪ ۾ ماريو ويو هو جنهن پهريون دفعو افغانستان ۾ هڙتال ڪرائي هئي، ان کانپوءِ هڪ ڪميونسٽ اڳواڻ مير اڪبر خيبر به ماريو ويو، ان کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ماڻهن هڪ مارچ جو احتمام ڪيو هو جيڪو 2 هزار ماڻهن تي مشتمل هو، ان ۾ ماڻهو آمريڪا جي خلاف نعرا هڻي رهيا هئا ۽ انهن جي سياسي چالن جي خلاف لعن طعن ڪري رهيا هئا، ڪميونسٽ پارٽي جي اهڙي اڀار ماڻهن ۾ وري وڏي ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي هئي، ويسٽ جرمني جي هڪ پوليس آفيسر جيڪو افغان منسٽري ۾ صلاحڪار طور ڪم ڪري رهيو هو، جنهن جي راءِ ۾ اهو هو ته هي ساڳو ئي حڪمران پارٽي مان ئي ماڻهو ٿي سگهي ٿو جنهن هڪ ئي هٿيار سان ٻنهي ماڻهن معني ليبر اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ کي قتل ڪيو آ، هن ڳالھه صدر دائود کي به پرشان ڪري ڇڏيو هو ته جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جا ماڻهو به گرفتار ٿيندا رهيا هئا، پر ايستائين صورتحال خراب ٿي چڪي هئي.

ان ڏينهن يو ايس آرمي جا ٻه ماڻهو چيڪ پوسٽ تي روڪيا ويا هئا، ڳالھه ۾ گھڻي گڙٻڙ ٿي چڪي هئي، ائين لڳو ڄڻ وڏو اٽالو اچڻ وارو هو، يا ڪو آپريشن ٿيڻ وارو هو، جو اوچتو ٽئينڪ وڏي اسپيڊ سان ڪابل جي شهر ۾ داخل ٿي، انهن مسٽري آف ڊفينس تي وڏا بم ڪيرايا، ۽ صدر دائود جي جٿن سان حملي ۾ جنبي ويا، ايتري ۾ ٽئينڪ تي سوار جٿا جلدي جلدي ڪابل جي مک جاين تي قبضو ڪندا ويا، ڇو ته ماڻهن کي اها به حيرت هئي ته صدر دائود انهن سان ڳالهيون ڇو ته نه ڪيون، يا افغانين جي اها پريڪٽس رهندي آئي آ ته اهي پهرين جيلن تي حملا ڪري پنهنجن ماڻهن کي ڇڏائيندا آهن، پوءِ ته هي پهرين پنهنجا ڪميونسٽ اڳواڻ ڇڏائن هان، پر هنن ته ڪابل تي ڇتي ويڙھ ڪري ڏني، بم، گولا ۽ هليڪاپٽرن سان بمباري ڪري ڏنن، انهن ويڙهن مان ڪيترن ئي روس ۾ تربيت به حاصل ڪئي هئي، جيڪي 1950 کان 1956 تائين سئيز جنگ جو حصو به رهيا هئا، پر اهڙي بگڙجندڙ صورتحال ۾ آمريڪي مداخلت ڍري ٿيندي نظر پئي آئي، ۽ ائين به هيو ته روس جو اهڙي صورتحال ۾ سڌو ۽ سامهون اچڻ به مشڪل ڪم هيو يا اهڙي آمريڪي تياري به نه هئي جو اهي اهڙي مداخلت تڪڙو کي منهن ڏئي سگهن، يا سڀ جا سڀ افغان ”پروڪميونسٽ“ به نه هيا، پر ڪجھه ضرور هيا، ڇو ته 1978 واري لڙائي گھڻي ڀاڱي ڪميونسٽ ۽ غير ڪميونسٽ جي وچ ۾ هئي، ۽ ڪابل تي اهڙي حملي ۾ رڳو ڪابل جا ڪجھه حصا ڪميونسٽ پارٽي جي قبضي ۾ هيا باقي سڄو افغانستان نه هيو.

صدر دائود جي سرڪار ۾ 1973 کان 1977 تائين ڪا بغاوت واري ڳالھه نه هئي نه ڪا هڙتال نه ڪو احتجاج، پر 1978 ۾ اهڙيون ڪاروايون رڪجڻ واريون نه هيون، يا اهڙي خبر واشنگٽن يا ڪابل وارن کي به نه هئي ته 27 اپريل جي خميس ۽ جمعي واري رات ڇا ٿيڻ وارو آ، جو جمعي واري ڏينهن 60 کان 70 ٽئينڪن اچي ڪابل کي ورايو ۽ ان سان گڏ بمن ۽ گولن جي برسات به شروع ٿي وئي، ڪميونسٽ پارٽي جي ويڙهن ريڊيو افغانستان تي حملو شروع ڪري ڏنو تان جو قبضو ڪري ويا، آمريڪن ايمبيسي، چائنيز ايمبيسي، پوليس هيڊڪوارٽر ۽ رهائشي جاين تي به حملا ڪندا رهيا جو ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي ڀڄي ويا، سڀني افغانين کي اها خبر هئي ته اهڙن حملن جي پٺيان ڪير آ، ۽ ”انقلابِ ثور“ جي اڳواڻي ڪير ٿو ڪري، جو ڪجھه ڏينهن ۾ اهو واضع ٿي ويو ته حفيظ الله امين ڪولمبيا يونيورسٽي جو شاگرد افغانستان ۾ صدر دائود جي حڪومت ڪيرائي “انقلاب ثور“ جو اڳواڻ به ثابت ٿيندو ۽ ٿيو به، ۽ انقلاب ثور اچي ويو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.