سنڌ جي سياحت مان فائدو وٺڻ جي ضرورت

تحرير؛سدا حيات جلباڻي

چون ٿا وزيراعطم عمران خان سياحت تي جيڏو ڌيان  ڏنو آھي، ان کان اڳ ايڏو  ٻئي ڪنھن وزيراعظم نـ ڏنو آھي. ھا، اھو درست ھوندو. پر اھو ھڪ طرفو ڌيان آھي. اھو ڌيان سوات ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن تائين محدود ھوندو. اھا بـ حقيقت آھي تـ  عمران خان ملڪ ۾ جيڏي اڻ برابري پيدا ڪئي آھي. ايڏي ٻئي ڪنھن پيدا نـ ڪئي ھوندي. صاف ظاھر لڳو پيو آھي تـ جھڙي ريت  ملڪ جي ڏاکڻين علائقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ايڏو ڪنھن ٻئي وزيراعظم نظرانداز نـ ڪيو ھوندو.

وفاقي سرڪار جا وزير ۽ مشير ھن حقيقت کان با خبر ھوندا تـ  سڄي دنيا ۾ سياح سمنڊ جا ڪنارا پسند ڪندا آھن، رڳو وڻڪاري نـ.  سنڌي مھا ساگر جو ساحل ڪلفٽن ۽ ھاڪس بي، بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ تي ڪنڊ ملير جا علائقا ڪيڏا سونھن ڀريا آھن،

اھو ڪو سنڌين ۽ بلوچستان وارن جي اکين سان ڏسي. وطن ۾ زمين جي اندروني علائقن ۾ پاڻي جا شاندار ذخيرا پنھنجو مٽ پاڻ آھن. ائين لڳندو ڄڻ منڇر ۽ ڪينجھر پاڻيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا سمنڊ ھجن. يورپ مان ايندڙ سياحن لاءِ ڇاھٺ دروازن واري سکر بيراج لنڊن ۾ ٺھيل ٽيمس نديءَ جي پل کان  بھتر لڳندي.

خيرپور ميرس جي ٽالپور حڪمرانن  پاران قدرتي ماحول ۾ جانورن لاءِ تيار ڪرايل مھراڻو نالي چراگاھ  سياحن لاءِ وڏي تفريح گاھ آھي. خيرپور ميرس ۾ ئي کجين جا ٻيلا ۽ ميرپور خاص ۾ انبن جا ٻيلا  ڏسڻ وٽان آھن. مني درياهه جو لقب ماڻيندڙ ناري واھ جي ڪنڌين تي ڇانوري وارن مناسب ھنڌن تي پڪنڪ پوائنٽ پر ڏيھي سياحن لاءِ وڏي ڪشش وارا ثابت ٿيندا.

ھوڏانھن، مينھن جي مند ۾ ٿرپارڪر ضلعي جو  ٿر وارو علائقو  مرشد شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سر سارنگ بڻجي پوندو آھي. اھڙي مند ۾  اوچي ڳاٽ جي استعاري ڪارونجھر جبل جو سير بي حد لطف ڏيندو. اسان جي شاعر امداد حسيني جو مشھور شعر ڪارونجھر ٿجان امداد، جُھڪي ويو جو، ڪھڙو ڪنڌ؟وري وري ٻڌائڻ جھڙو آھي.

ڪرتار پور لنگهھ  تي ڌيان ڌرڻ وارن کي اھو معلوم ھجڻ گهرجي تـ  سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مذھبي سياحت لاءِ انيڪ جايون آھن. جن ۾ سکر لڳ بکر ٻيٽ جي  ڀر ۾ ساڌ ٻيلو توڻي ستين جو آستان ۽ بلوچستان ۾ ھنگلاج ماتا جو مندر بھترين ھنڌ ڳڻيا وڃن ٿا. آھن. ٿوري گهڻي مرمت  سان اھي عالمي سطح جا سياحتي ماڳ بڻجي سگهن ٿا. ورلڊ ٽوئرزم آرگنائيزيشن (ڊبليو ٽي او) جي ويھ سو اڻويھ  جي انگن اکرن آڌار ايشيا پيسفڪ ۾ سياحن جي آمد جي لحاظ کان پھرين نمبرن تي ايندڙ ملڪن چين، ٿائي لينڊ، جپان، آسٽريليا، ميڪائو، انڊيا، ڏکڻ ڪوريا، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ اسان جي ملڪ جو نالو ڪونھي. ان جو سبب شايد اھو ھجي تـ وزير اعظم سميت ملڪ جي اعلئٰ اختيارين پاران ڏاکڻين علائقن جي سياحت وڌائڻ طرف تمام گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو.

پرڏيھي سياحن لاءِ سنڌ جي سياحتي ماڳن کي پرڪشش بڻائڻ خاطر پھريون اپاءُ آھي امن امان جي صورتحال جي بھتري. ننڍي وڏي چوري چڪاري جو خاتمو ھجڻ کپي. ان سان گڏ اچ وڃ لاءِ وڻڪار وارا سٺا رستا ۽ رھڻ لائق ضروري سھوليتن واريون سٺيون ٽورسٽ ھاسٽلون..

سياحت جي صنعت سان لاڳاپيل ماھرن کي علمم ھوندو تـ ٻين ملڪن ۾ ٻاھريان اچڻ وارن مھمانن کي پيئنگ گيسٽ جي حيثيت ڏيئي گهرن ۾ ٽِڪايو ويندو آھي. اسان وٽ اوطاقن جو رواج آھي.  مھمانن کي عزت ڏيندڙ اسان جا ماڻھو اوطاقي مڙس سڏبا آھن. سنڌ ايندڙ  پرڏيھي سياحن کي قومي مھمان سمجھندي ھتي اچڻ وارن  کي سندن پاسپورٽ ۽ ويزا جا تفصيل  حاصل ڪري بنا ڪا رقم وٺڻ جي اوطاقن ۾ ترسائي سگهجي ٿو. ان سان اھو پيغام ٻاھر ويندو تـ سنڌ جا ماڻھو وڏا مھمان نواز آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.