ام رباب جدوجهد جي پھرين ڪاميابي

تحرير؛مير ذوالفقار چانڊيو

اها حقيقت آهي ته ڌرتيءَ مٿان ظالمن جا ظلم، قھارين جا قھر ۽ غريبن مظلومن کي شھيد ڪرڻ گھروارين کي بيواھ ڪرڻ ڀينرن کان ڀائر جدا ڪرڻ گلن جھڙن معصوم ٻارڙن کان پنھنجي بابا جو پيار کسڻ اسان جي معاشري ۾ ڪا نئين ڳالهھ نه پر اسان جي سماج ۾ اھو ڪم روايت بڻجندو پيو وڃي ته جيڪو حق سچ جي رستي تي ھلڻ جي ڪوشش ڪندو يان عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو ته ان کي به ماريو ويندو بلڪل اھڙي قسم جو ھڪ واقعو چار سال اڳ ميھڙ ۾ پيش آيو جتي ڏينهن ڏٺي جو جوابدارن جي فائرنگ ۾ ھڪ ئي گھر جي ٽن گھرڀاتين کي قتل ڪري سڄي گھر کي ختم ڪيو ويو جنهن ۾ 65 سالن جو پ پ پ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر رئيس ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن 45 سالن جو تمندار ڪائونسل جو چيئرمين ۽ يوسي چيئرمين  مختيار علي ۽ 28 سالن جو نوجوان ڪونڌر زنوار قابل چانڊيو کي قتل ڪيو ويو ائين کڻي چئجي ته ظالمن سڄي گھر جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيون جنهن گھر مان ھڪ وقت ٽن ڪونڌر مڙسن برادريءَ جي معزز ماڻهن جا لاش نڪتا ھوندا ته ان گھر وارن مٿان اھو منظر قيامت صغرا کان گھٽ نه ھوندو انھن جي ڏک يا ماتم کي ھتي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي باقي اھو ڏک درد اھي سمجهي سگهن ٿا جن مٿان اھڙو وقت گذريو ھوندو جيئن سنڌي ۾ چوڻي آهي ته،، اھا جاءِ جلي جتي باھ ٻري ،، اها به  حقيقت آهي جن جا جوان ڪونڌر ماريا ويا ڏک درد انهن کي ھوندو اسان صرف رسمي طرح افسوس ڪري پنهنجو فرض نڀائي ڇڏيون ٿا.

خير ڪجهھ ڏينهن کان پوءِ انھن مقتولن جي مظلوم وارثياڻي نياڻي نماڻي ام رباب پنهنجي چاچا رئيس پرويز چانڊيو سان گڏجي ميھڙ ٿاڻي تي چئن سڃاتل جوابدارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي جنهن ۾ پ پ پ جي موجودھ ايم پي اي چانڊيو برادري جي سردار غيبي خان چانڊيو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ايم پي اي برھان خان چانڊيو کي ان ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو ته انهن سردارن جي چوڻ يان اشاري تي انھن ٽنھي ڪونڌرن کي خون ڪيو ويو جنهن ڪيس کي عدالتن ۾ ھلائڻ لاءِ يان انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ام رباب چانڊيو عدالتن جو در کڙڪايو جنهن جي ڪري اھو ڪيس ميھڙ مئجسٽريٽ دادو سيشن ڪورٽ کان ميرپور ماٿيلو جي دھشتگرد ڪورٽ سميت سنڌ ھاءِ ڪورٽ تائين ڪيس جون ٻڌڻيون ٿينديون رھيون ته ڪڏهن وري جوابدارن جي نه اچڻ سبب ڪيس ملتوي ٿيندو رھيو پر ڪروڙين سلام ھجن ھڪ بھادر معصوم نياڻي نماڻي ام رباب چانڊيو کي جنھن 18 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ ايشيا  جي وڏن نوابن توڙي سنڌ جي سردار ڀوتارن وڏي ڳالهھ ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سان حق سچ جي جنگ جوٽي مقابلي لاءِ تيار ٿي ھر جڳهھ تي کين للڪاريندي رهي سرعام سردارن نظام سان بغاوت جا اعلان ڪندي رهي ڪنھن شاعر چيو آهي ته

ٹکراؤ جب سندہ کے ان جھوٹے خداؤں سے ہوا تھا

آغاز بغاوت میرے گاؤں سے ہوا  تھا

ام رباب چانڊيو جنهن طريقي سان پنهنجي پيارن جي ڪيس جي بھادري سان پوئواري ڪئي ان جو مثال ملڪي تاريخ ۾ نٿو ملي سگهي باقي مائي جندو جي عمر ۽ ان جي جدوجھد ان ڪيس کان ڪجهھ مختلف ھئي پر ان جي ڪيل جدوجهد کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي پر ته سنڌ ڄائي بھادر نياڻي ام رباب چانڊيو جنهن گذريل چار سالن کان پنهنجي پيارن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ حق ۽ انصاف جو جھنڊو بلند ڪيو ان جھنڊي کي ڪڏهن ھيٺ ڪرڻ نه ڏنو. ام رباب جيڪا ھڪ شاگردياڻي ھوندي پاڻ سان ٿيل ظلم ڏاڍ زبردستي ڪندڙ باطل قوت وڏيرا شاهي خلاف للڪار بڻجي انھن ڀوتارن کي للڪاريو ان جدوجھد ۾ ڪڏهن به ھڪ قدم پوئتي نه پر اڳتي ضرور وڌايو ھوندو. ام رباب چانڊيو طرفان بي انصافي ڪوڙ ۽ دوکي جي بنياد تي ڀوتارن طرفان کڙي ڪيل عمارت کي ڪيرائڻ لاءِ پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي ڏينهن رات جدوجهد ڪري نيٺ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

11 سيپٽمبر جو اھو تاريخي ڏينهن ھو جنھن ڏينھن دادو سيشن ڪورٽ ميھڙ جي شھيدن واري ڪيس ۾ چانڊيا سردار ڀائرن جيڪي موجودھ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر آهن انهن کي قانوني طرح جوابدار نامزد ڪري ھميشھ لاءِ قانون جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو، ان تاريخي ڏھاڙي تي ام رباب جي چار سالن جي زبردست جدوجهد جي ڪاميابي جو ڏھاڙو ثابت ٿيو، ام رباب جي حق ۾ فيصلو اچڻ  شرط پاڻ شڪراني طرح سجدي ۾ ڪري پئي وڏي ڌام ڌوم خوشي سان پنهنجي شھر ميھڙ پھتي ته شھرين طرفان گلن جي پتين سان آجيان ڪري کيس ڪيل جدوجهد تي ڀيٽا پيش ڪئي.

ھاڻي سنڌي قوم تي فرض ٿو ٿئي ته ان مظلوم بھادر نياڻي جي حوصلا افزائي ڪندي کين عالمي سطح تي پذيرائي ڏياري ڇو ته دنيا جي وڏن ليڊر سميت پاڪستان جا وزير اعظم شھيد ٿيا پر بدقسمتيءَ سان ڪنهن جي خون سان ڪو انصاف نه ٿي سگهيو پر وڏي بدقسمتي اھا چئبي جو انھن ليڊرن جي وارثن ڪيس جي ڪا پوئواري نه ڪري سگهيا جنهن سبب انهن جي قاتلن کي ڪا سزا نه اچي سگهي جنهن جو وڏي مان وڏو مثال شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڪيس جو آهي جنهن جي ھڪ ٻڌڻي تي ڪنھن به وارث جي شريڪ نه ٿيڻ ڪري ڪيس کي بند ڪيو ويو پر تاريخ جو ھڪ وڏو مثال موجود آهي ته بنگلاديش جي ليڊر شيخ مجيب الرحمان کي شھيد ڪيو ويو ته ان جي نياڻي بنگلاديش ملڪ جي وزيراعظم شيخ حسينا واجد پنهنجي والد مرحوم جي ڪيس جي پابندي سان پوئواري ڪندي قاتلن کي انجام تائين پهچايو، ٻيو پاڪستان جي تاريخ جو هي ام رباب چانڊيو جو ڪيس آهي جيڪو اھم موڙ تي اچي چڪو آهي جنهن ۾ سردارن ڀوتارن کي جوابدار نامزد ڪري ام رباب چانڊيو جي چئن سالن واري اڻٿڪ جدوجهد جي پھرين ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ان ڪاميابي سان سنڌ سميت پوري ملڪ جي مظلومن ڀوتارڪي نظام خلاف تحريڪ هلائيندڙ نوجوانن ۾ خوشي جي لهر آهي، ام رباب چانڊيو کي ان ڪيس جي حوالي سان اڃا ڪافي لازوال جدوجهد ڪرڻي آھي جنھن سان کين مڪمل طرح انصاف ملي سگهي جيستائين ام رباب جي وارثن جا حقيقي قاتل ڦاسيءَ جي ڦندي تي نٿا چڙھن ايستائين ام رباب کي اڃان وڌيڪ جدوجهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جيڪا ھو پھرين کان وڌيڪ جدوجهد جاري رکندي باقي ھاڻي قاتلن کي سزا ڏيڻ ام رباب جو نه پر عدالتن جو ڪم آهي جيڪا انصاف ڪري حقيقي قاتلن کي ضرور سزا ڏيندي. موجودھ عدالتن جي فيصلن کي ڏسي ائين چئي سگھجي ٿو ته اھو ڪيس اڃا پنج سال ٻيا به ھلي سگھي ٿو خير جوابدارن کي سزا اچڻ يان نه اچڻ جو ايندڙ وقت بھتر ڪجھه ٻڌائيندو باقي ڪيس عدالتن ۾ ھجڻ ڪري في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي اھڙن بھادر نياڻين لاءِ شاھ ڀٽائي گهوٽ ٿو فرمائي ته

ڀلي ڄائيون مائرون سنديون صالحن

محشر جي ميدان ۾ انھن ڏاج ملن

باقي ويچارن مائرن اوجاڳا اجايا ڪيا

بھترين اولاد اھو آھي جيڪو پنھنجي والدين کي انصاف ڏياري سگهي باقي گھڻن ليڊرن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جا مثال اڄ به موجود آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.