20 سالن جي جنگ کانپوءِ … هاڻي چين سان ڇڪتاڻ!

تحرير؛امتيازعالم

9/11 جي واقعي کي 20 سال گذري ويا آهن ۽ دهشت گرديءَ خلاف نه ختم ٿيندڙ خوني جنگين جي سلسلي جو هڪڙو ڊراپ سين ته افغانستان ۾ نظر آيو جتي طالبان ٻيهر اقتدار تي قابض ٿي ويا آهن. دنيا نه اڳ خطرن کان خالي هئي ۽ نه ئي وري هاڻي ڪو خطرن کان پاڪ ٿي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ٿو ته آمريڪا جي شڪست ٿي آهي ته اها سندس ڀل آهي، دهشت گرديءَ خلاف جنگ هُجي يا وري ڪورونا خلاف جيڪڏهن خوب مال ڪمايو آهي ته رڳو آمريڪا جي ملٽري انڊسٽريل ڪمپليڪسز ۽ آمريڪا جي ملٽي نيشنل ڪمپنين. هڪ اطلاع موجب دنيا کي هٿيار ۽ سلامتي وڪڻن وارين ڪمپينن تقريبا 7- کرب ڊالرن جي اضافي ڪمائي ڪئي آهي ۽ اهڙي نموني دنيا جا تمام وڏا منافع خور آمريڪا جي فارماسوٽيڪل ڪمپنين ۾ به ويٺل نظر ايندا.

دنيا جون سموريون سامراجي جنگيون مارڪيٽن تي قبضو ڪرڻ يا وري واپار جي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ وڙهيون ويون آهن. دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ افغانستان، عراق، شام، ليبيا ۽ يمن ۾ 8 لکن کان مٿي ماڻهو ماريا ويا آهن ۽ ڪروڙن جي انگ ۾ بي گهر ٿيا آهن، پاڪستان ۾ به هزارن جي انگ ۾ ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ملڪ جو سماجي ۽ نظرياتي نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي. 9/11 جو واقعو دهشت گرديءَ جو هڪڙو اهڙو وڏو واقعو هيو جنهن صرف آمريڪا کي نه لوڏيو آهي پر انهيءَ واقعي سان جيڪڏهن ڪا هچا ٽُٽي آهي ته اها وچ اوڀر کان وٺي افغانستان تائين ٽُٽي آهي جنهن جي رد عمل ۾ القاعده ۽ داعش جهڙين تنظيمن مزاحمتي انداز ۾ وجود ورتو آهي، جن مسلم دنيا جو رخ ماضيءَ جي تاريخ ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي، افغانستان ۾ جيڪو جهنم آمريڪا جوڙي ويو آهي ان ۾ سموري مسلم دنيا سڙي مري ان سان آمريڪا کي ڪوبه مطلب نه آهي.

امارات اسلاميه افغانستان 9/11 جي ويهين سالن جي پوري ٿيڻ تي کڻي ڪهڙي به قسم جا فاتحانه اعلان ڪري ان کان ڪم اهو ئي ورتو ويندو جيڪو ويهه سال اڳ چيو ويو هو ۽ ورتو ويو هو، يعني افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرديءَ کان پاڪ ڪرڻ پوءِ کڻي اهو ديني فرض طور جهاد جي ذريعي ڪجي يا وري مالي وسيلي سان ڪجي. هاڻي افغان حڪومت کي ملڪ جو حڪومتي ڪاروبار هلائڻو آهي، درسگاهون هلائڻيون آهن، اسپتال هلائڻا آهن يا وري اڌ کان وڌيڪ غريب آباديءَ جي گذرسفر جو بندوبست ڪرڻو آهي ان لاءِ به افغانين کي آمريڪا جي آڏو خيرات جو ڪشتو ڦهلائڻو پوندو. دنيا ۽ علائقي جي ملڪن کي هاڻي افغانستان سان لاڳاپيل جيڪي پريشانيون آهن انهن ۾ دهشتگردي اهم ۽ پهرين نمبر تي آهي، هاڻي جيڪڏهن دنيا کي دهشتگرديءَ خلاف ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ته ان کي پڻ افغان طالبان سان ڳالهائڻو پوندو. لکين افغان مارائڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪجهه بچيو به آهي ته رڳو هڪ تباهه حال افغانستان هاڻي غريب افغاني اهڙي فتح تي فخر ڪن به ته ڪهڙي نموني ڪن؟. افغانستان ۾ 20- سالن جي ڊگهي جنگ بعد هاڻي آمريڪا ۾ اهو بحث ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن اسان 20 سالن اڳ جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو سوچڻ جي ڪوشش ڪريون ها جيڪو هاڻي سوچي رهيا آهيون ته نتيجو يقينن ڪجهه الڳ هُجي ها ۽ آمريڪا هيءَ سواءِ ڪنهن نتيجي واري جنگ ۾ به نه وڙهي ها ۽ نه ئي اربين ڊالرن ۽ هزارين فوجين جي زندگين جون قربانيون ڏيڻيون پون ها.

انهيءَ بحث کي اڳتي وڌائيندي نامياري تجزيه ڪار ٿامس فريڊ مين هڪ سوال اٿاريو آهي ته اڄ آمريڪا جيڪا چين سان ڇڪتاڻ وڌائي رهيو آهي، شايد ويهن سالن کانپوءِ اهو سوال به اٿاريو وڃي ته جيڪڏهن آمريڪا چين سان ڇڪتاڻ نه وڌائي ها ته اڄ صورتحال بهتر هُجي ها ۽ آمريڪا هڪ سٺي صورتحال ۾ هُجي ها. فريڊ مين جو اهو به چوڻ آهي ته گذريل 40- سالن کان آمريڪا ۽ چين جي گڏيل تعاون سان عالمي سرمائيداريءَ جي ترقيءَ لاءِ بي پناهه رستا کليا آهن ۽ گلوبلائيزيشن جي فڪر ۽ عمل کي هر طرف هٿي ملي آهي.

هاڻي جيڪڏهن ڇڪتاڻ جي رستو اختيار ڪيو ويو آهي ته اهڙي عمل سان گذريل 40- سالن  ۾ جيڪا به ترقي ٿي آهي ان کي تباهه ڪرڻ جا لاءِ انتهائي مستحڪم امڪان پيدا ٿي رهيا آهن جنهن جا نتيجا پڻ انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا، انهيءَ حوالي سان عالمي ايڊوائزري فرم مارڪو ايڊوائزرز پارٽنرز جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر نادر موسوي زاده آمريڪا جي آڏو ٽي اهم سوال اٿاريا آهن؛

پهريون: جيڪڏهن آمريڪا چيني سماج ۽ نظام کي سمجهندي واقعي به اهو ادراڪ ڪري ٿو ته چين عالمي طور تي سامراجيت ڦهلائيندو ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته آمريڪا سندور ساهي ان کي روڪي ته ان جي اهڙي عمل سان، فقط چيني قومپرستيءَ کي ئي هٿي ملندي.

ٻيو: هاڻي جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي اولهه ۽ ايشيا جي اتحادين ۽ انهن جي چين سان مفادن کي خاطر ۾ نه آڻيندي چين جي خلاف ڪارروائي ڪئي ته پوءِ اهڙي قسم جو ڪو عالمي اتحاد هلي نه سگهندو.

ٽيون : عالمي دهشتگرديءَ کانپوءِ جيڪڏهن آمريڪا جي سڀ کان اوليت پنهنجي گهر جي تعمير ڪرڻ آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا پاران چين خلاف ڪابه اڳرائي آمريڪا جي فائدي ۾ هوندي يا نقصان ۾؟، انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان وڏي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جا سڀ کان وڏا ڪاروباري ماڻهو آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ چين خلاف پهرين مرحلي ۾ لاڳو ڪيل ٽيڪسز کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

هن وقت صورتحال اها آهي ته آمريڪا ۽ چين معاشي طور تي ايترا ته سگهارا ٿي ويا آهن جو ڪنهن هڪ ملڪ جو نقصان ڪنهن ٻئي ملڪ جو فائدو ٿي نه ٿو سگهي ها، پر جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جو نقصان ٿي پيو ته پوءِ اهڙو نقصان دنيا جي معاشي ۽ اسٽريٽيجڪ پس منظر کي تبديل ڪري ڇڏيندو، چين جي ايندڙ ويهن سالن اندر ٿيندڙ معاشي ترقي سواءِ ڪنهن شڪ جي چين کي هر حوالي سان دنيا جي هڪ وڏي معيشت ۽ فوجي قيادت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي. چين جي اهڙي ترقيءَ کي ڪجهه سست ڪري سگهجي ٿو پر ان کي روڪي نه ٿو سگهجي.

اڄڪلهه 9/11 جي واقعي جي ٻن ڏهاڪن کانپوءِ  دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ آمريڪي اسٽريٽيجڪ حڪمت عمليءَ جي ناڪاميءَ تي وڏا بحث ٿي رهيا آهن ۽ غربت، پسماندگيءَ ۽ جهالت ۾ ٻڏل پاڪستان جهڙن ملڪن جي اسٽريٽيجڪ حڪمت عملين جي وري تعريفون ڪيون پيون وڃن، ان ڳالهه جي ڪنهن کي به پرواهه نه آهي ته ان جنگ ۾ تباهه ڪير ٿيو آهي؟.

انهيءَ جنگ ۾ جيڪڏهن ڪو تباهه ٿيو آهي ته اهو آهي افغانستان، پاڪستان، شام، يمن جو عوام يا وري آمريڪا جو ٽيڪس اداڪندڙ عوام يا هي مائرون جن جا جوان پٽ ان جنگ جو کاڄ بڻجي ويا آهن، اها ڳالهه ته سامراج جي نس نس ۾ سمايل آهي ته کيس جڏهن به وڻي جنگ ڪري ۽ جڏهن به وڻي ته امن جي تسبيع سوري.

اڄ ڪلهه پاڪستان سميت دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ اڳواڻن تي اهو الزام مڙهيو پيو وڃي ته هو آمريڪا جي ايجنڊه کي اڳتي وڌائي رهيا آهن،کين شرم ان ڳالهه تي نه ٿو اچي ته نياڻون ۽ معصوم ٻارڙا اسڪول نه ٿا وڃي سگهن ۽ کين خوراڪ ميسر نه آهي.

ماڻهن تي روزگار ۽ سٺي انساني زندگيءَ جا درواز بند ٿيندا پيا وڃن ۽ معاشري ۾ استحصالي طبقا پير کان وٺي چوٽيءَ تائين ڪرپشن ۽ لٽ مار ۾ ٻڏل آهن، ۽ وري انتهائي بي شرميءَ سان اولهه جي ملڪن ۽ آمريڪا آڏو خيرات لاءِ ڪشتو پڻ سوريندا رهن ٿا ۽ اهڙي عمل ۾ ڪو عار به محسوس نه ٿا ڪن. دلچسپ ڳالهه ته اها آهي ته هاڻي افغان جهاد پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو آهي پر وري جيڪي ٻيا جهادي آهن، اهي جهاد لاءِ ڪي نوان رستا ڳولڻ ۾ مصروف آهن، آخرڪار پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جهاد ته روزگار جي هڪ تمام وڏي ذريعي طور تي سامهو آيو، اڃان تائين لکين ماڻهن انهيءَ آسري ۾ آهن ته جهاد کين اڃان به روگار ڏياري ڏيندو.

طالبان جي فتح جو نشو ته شايد افغان طالبان جي مٿي تان جلد ئي لهي وڃي پر پاڪستان ۾ ان نشي جي ڦهلڻ جا ڪافي امڪان موجود آهن، چوڻ جي لاءِ ته معاشي ترقي ۽ سلامتيءَ جو ذڪر ٿي رهيو آهي، پر دل ۽ دماغ تي جيو اسٽريٽجڪ گيمز سوار آهن، آخر ڪار روزگار جو سوال آهي ۽ آمريڪا جي نظرِ ڪرم جو به !.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.