وفاق جي نصابي مارشل لا کي رد ڪيون ٿا: سردار شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته تحريڪ انصاف آئين پڙهڻ کانسواءِ ئي منشور ۾ هڪ نصاب شامل ڪري ڇڏيو، وفاق جي نصابي مارشل لا کي رد ڪيون ٿا.

اهڙو خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو.

اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ 10 هزار اسڪول بند ڪيا پيا وڃن ۽ 29 هزار رپيا في ڊيسڪ جي حساب سان خريد ڪيون پيون وڃن، جيڪي مارڪيٽ ۾ سستي اگهه تي موجود آهن، صوبي ۾ 12 هزار اسڪول بند، 29 هزار اسڪولن ۾ بيت الخلا جي سهولت ناهي، 31 هزار اسڪولن ۾ بجلي ناهي، 59 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، صوبي جي اسڪولن جي اها حالت آهي، مٿان وري وفاق امير ۽ غريب لاءِ هڪ نصاب آڻي پيو ته ان جي مخالفت ڪئي پئي وڃي.

سردار شاهه جواب ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي نصابي مارشل لا قبول ناهي، هڪ نصاب صوبا قبول نه ڪندا، مطالبو ڪيون ٿا ته صوبن کي سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ علائقائي ٻوليون پڙهائڻ ڏنيون وڃن، شفقت محمود چيو ته اسان هڪ نصاب آڻي رهيا آهيون، اسان چيو توهان نصاب لاڳو نٿا ڪري سگهو، ان تي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهون ٿا، نصاب صوبائي سبجيڪٽ آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ 47 هزار اسڪول آهن، جن مان 39 هزار پرائمري اسڪول آهن، 8 هزار هائير سيڪنڊري اسڪول موجود آهن، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسڪول ٺهڻ جي ڊيفينيشن نه آهي، ان ڪري هڪ ڪمري جا اسڪول ٺهيا، مشرف دور ۾ هڪ ڪمري وارا اسڪول ٺاهيا ويا.

سندس چوڻ هو ته اسان اسڪولن جي حوالي سان سروي ڪرائي، جنهن ۾ 11 هزار اهڙا اسڪول آيا، جيڪي وائبل نه هئا، جن مان ڇنڊ ڇاڻ ڪري 7 هزار اسڪول بند ڪنداسين، انهن اسڪولن بابت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڄاڻ ڏينداسين، جنهن کي به ڪو اعتراض هوندو ته ٻڌو ويندو، ان لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.