27 سيپٽمبر ”جي ميل، يوٽيوب ۽ گوگل ميپز“ جو آخري ڏينهن

اينڊرائيڊ فونز استعمال ڪندڙ اڪثر ماڻهو هر 3 يا 4 سالن کانپوءِ پنهنجي فون کي مٽائيندا رهندا آهن، پر ڪجهه اهڙا به هوندا آهن جيڪي هڪ ئي ڊيوائس کي سالن تائين هلائيندا رهندا آهن.

جيڪڏهن توهان به انهن مان آهيو جيڪي موبائل کي سالن کان وٺي هلائيندا آهن ته هاڻي نئين موبائل وٺڻ جي تياري ڪيو.

ائين ڪرڻ تي گوگل جي ڪيترن ئي مک ايپس جهڙوڪ ”جي ميل، يوٽيوب، گوگل ميپس ۽ ٻين کي پراڻي اينڊرائيڊ فونز ۾ 27 سيپٽمبر تي بلاڪ ڪيو ويندو.

ڪمپني آگسٽ ۾ تصديق ڪئي هئي ته اهي پراڻي اينڊرائيڊ فونن ۾ گوگل اڪائونٽ کي سائن اِن ٿيڻ کي بلاڪ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.

اينڊرائيڊ 2.3 تي ڪم ڪندڙ سمارٽ فون 27 سيپٽمبر تي گوگل سروسز کان محروم ٿي ويندا.

اينڊرائيڊ 2.3 يا اينڊرائيڊ جنجر بريڊ کي گوگل طرفان گوگل طرفان ڊسمبر 2010 تي متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻي 11 سالن کانپوءِ ڪمپني ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته واٽس ايپ طرفان اڳ ۾ ئي اينڊرائيڊ جي اهڙي ورجن جي سپورٽ ختم ڪئي وئي آهي.

گوگل موجب اينڊرائيڊ 2.3 جي سپورٽ ختم ڪرڻ جو مقصد واهپيدارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.

ان کان اڳ فيبروري 2017 ۾ گوگل اينڊرائيڊ 2.3 تي هلندڙ فونز لاءِ گوگل پي ڪانٽيڪٽس واري پيمنٽس کي معطل ڪري ڇڏيو هو.

پر هاڻي 27 سيپٽمبر کان سمورا واهپيدار انهن ڊوائيسز تي پنهنجو گوگل اڪائونٽ به سائن ان نه ڪري سگهندا ۽ ڪوشش ڪرڻ تي انهن جي اڳيان يوزر نيم ۽ پاس ورڊ اِيرر لکجي ويندو.

اهڙو ئي اِيرر گوگل ڪيلينڊر يا جي ميل اڪائونٽ اوپن ڪرڻ تي به ايندو.

اهڙي ريت گوگل جي ٻين مشهور ايپس يوٽيوب، گوگل پلي اسٽور، گوگل ميپس، جي ميل ۽ ٻين تي به ڪم نٿو ٿي سگهي.

انهن ايپس کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ اينڊرائيڊ 3.0 اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت هوندي، جيڪڏهن پراڻي اينڊرائيڊ فونز ۾ آپريٽنگ سسٽم اپ گريڊ نه ٿو ٿئي ته پوءِ توهان کي نئين موبائل وٺڻي پوندي.

گوگل جي اهڙي فيصلي سان لازمي طور تي دنيا ۾ اربين ماڻهن تي اهڙي تبديلين جو اثر ته ضرور پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.