سنڌ حڪومت ڪورونا پابندين بابت نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب مارڪيٽن لاءِ نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان مارڪيٽن جي وقت جي حوالي سان نئون خط ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي جاري ڪيو ويو آهي.

اهو خط ڪراچي ۽ حيدرآباد جي انتظاميا کي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ٿينديون.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ٽيمون مارڪيٽن ۾ شاپنگ مالز، دڪانن تي ايس او پيز جو جائزو وٺنديون ۽ دڪانن ۾ ويڪسين سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪنديون.

گهرو کاتي طرفان چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙ مارڪيٽن، بازارن ۽ مالز کي سيل ڪيو ويندو.

خط موجب مارڪيٽن ۾ شاپنگ مالز، دڪانن تي ايس او پيز جو جائزو وٺڻ لاءِ 13 ۽ 14 سيپٽمبر تي ٽيمون وزٽ ڪنديون.

واضح رهي ته واپارين جي احتجاج سبب سنڌ حڪومت گذريل هفتي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به مارڪيٽون رات 8 بدران 10 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.