وزيراعظم جي خاص مددگار پريس گيلري جي بندش کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي علي نواز اعواڻ قومي اسيمبلي ۾ پريس گيلري بند ڪرڻ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي علي نواز اعواڻ چيو ته پريس گيلري جو حڪومت سان واسطو ناهي، اهو اسپيڪر جو اختيار آهي پر پريس گيلري کي تالو نه لڳڻ گهرجي، اهو غلط آهي، ايندر ڀيري ميڊيا نمائندن کي پريس گيلري ۾ اجازت ملڻ گهرجي.

ميڊيا اٿارٽي جي حوالي سان هن چيو ته قانون ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي، ميڊيا اٿارٽي ۾ مسئلي جي نشاندهي ڪيو، رپورٽنگ ڪرڻ توهان جو حق آهي.

واضح رهي ته صدر عارف علوي جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان خطاب دوران حڪومت صحافين لاءِ پارليامينٽ جا دَر بند ڪري ڇڏيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.