ڪراچي ، ڪوٽ غلام محمد ۽ ميھڙ جون خبرون

ڪراچي: سوئي سدرن گئس ۽ مختلف کاتن مان  ملازمن جي جبري برطرفين خلاف مظاهرو

ڪوٽ غلام محمد : ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ نينگري سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش خلاف مظاهرو

ميهڙ: ڳوٺ عيسا مهيسر واسي پاران پوليس اهلڪارن جي زيادتين خلاف احتجاج

1

سوئي سدرن گئس ۽ مختلف وفاقي کاتن مان 16000 ملازمن جي جبري برطرفين خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي برطرف ملازمن عبدالقيوم  سهيل عالم خان، عبدالمالڪ جمالي،اڪبر خان ۽ ٻين چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڙ ۾ 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪري ناانصافي ڪئي آهي، هنن چيو عمر جي هن حصي ۾ بيروزگار ڪري اسان جي گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته آرڊيننس 2010 فورن بحال ڪري هزارين ملازمن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي ،هنن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نطرثاني ڪري برطرف ملازمن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.

2

ڪوٽ غلام محمد لڳ ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ نينگري گڏي سولنگي سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، .ان موقعي تي نينگري جي وارثن والد ذوالفقار سولنگي .علي غلام سولنگي .غلام حسين سولنگي .مسمات مير زادي سولنگي .مسمات امانت سولنگي .مسمات سوڍي ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي نينگري گڏي پاڻي ڀرڻ تلا ءَ تي وئي هئي  ته جوابدار بشير خاصخيلي نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي .جنھن جو. ڪيس ڊينگاڻ ڀرڳڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ھو ۽ جوابدار پڻ گرفتار آھي پر بااثر جوابدار کي بچائڻ لاء ڪيس خارج ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن .ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انهن سان انصاف ڪيو وڃي

3

ميھڙ ڀرسان ڳوٺ عيسا مھيسر جي رھواسي فقير عبدالعزيز مھيسر صحافين اڳيان دانھيندي چيو  ته هو صبح جو ميھڙ ڪورٽ کان واپس اچي رهيو هو ته ٻيٽو روڊ تي اوچتو  ٻن پوليس وارن کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي،  منھنجي دانھن تي صحافي پھچي ويا جن کي پوليس وارا ڏسي ڀڄي ويا، ھن چيو ته مان مسڪين مزدور ماڻھون آھيان پورھيو ڪري پنھنجي ٻچڙن جو گذر سفر ڪندو آھيان منھنجي ڪنھن سان به دشمني ناھي ، ھن وڌيڪ چيو ته ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي ميھڙ کي پرزور اپيل ٿو ڪيان ته انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.