ڪنٽونمينٽ چونڊون: غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ پي ٽي آءِ کي سَرسِي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊون غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سڀ کان وڌيڪ سيٽون کڻي ڪامياب پارٽي بڻجي اڀري آهي جڏهن ته تمام گهٽ فرق سان مسلم ليگ نون ٻئي نمبر تي رهي.

ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجوب پي ٽي آءِ 58 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي جڏهن ته مسلم ليگ نون 51 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ٻئي نمبر تي رهي ۽ آزاد اميدوار 49 سيٽن تي ڪامياب ٿيا.

ٻئي پاسي پيپلزپارٽي رو 14، ايم ڪيو ايم 10، جماعت اسلامي 5 ۽ بلوچستان عوامي پارٽي هڪ سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيون.

سڄي ملڪ ۾ 39 ڪينٽومينٽ ۾ 206 عام سيٽن تي پولنگ آچر جي ڏهاڙي ٿي، ان دوران ڪٿي به ڪا وڏي شدت ڏسڻ ۾ نه آئي.

ملڪ ۾ 42 ڪنٽونمنٽس ۾ 219 وارڊ آهن پر ڪامرا، چيراٽ ۽ مري گليات جي ڪنٽونمينٽس جي 9 وارڊز ۾ ڪا به پولنگ نه ٿي جتي اميدوار يا ته بنا مقابلي چونڊيا ويا يا وري پولنگ ملتوي ڪئي وئي.

گڏيل طور تي هڪ هزار 513 اميدوارن ڪنٽونمينٽ بورڊز جي 206 وارڊز ۾ عام سيٽن تي چونڊن ۾ حصو ورتو.

پنجاب جي 19 ڪنٽونمينٽس جي 112 وارڊز ۾ 878 اميدوار، سنڌ جي 8 ڪنٽونمينٽس ۾ جي 53 وارڊز ۾ 418 ڪي پي جي 9 ڪنٽونمينٽس جي 33 وارڊن ۾ 170 ۽ بلوچستان جي 3 ڪنٽونمينٽس جي 8 وارڊن ۾ 47 اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو.

چئني صوبن ۾ پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ 178 اميدوار بيهاريا جنهن کانپوءِ مسلم ليگ ن 140، پيپلزپارٽي 112 اميدوارن کي چونڊ ۾ حصو وٺرايو جڏهن ته مسلم ليگ نون بلوچستان ۾ ڪنهن اميدوار کي نامزد نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.