سنڌ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 18 حياتيون کسي ورتيون، 676 نون ڪيسن جي تصديق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 18 مريض فوت ٿي ويا ۽ 676 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 19 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو انگ 7177 تائين پهچي ويو آهي، جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ وڌيڪ 676 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جيڪا 4.9 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي، جڏهن ته هيل تائين مجموعي طور 445530 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

سندس چوڻ هو ته متاثرن مان 88.3 سيڪڙو يعني 393393 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 4912 مريض پڻ شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته هن وقت 44960 مريض علاج هيٺ آهن، انهن مان 44228 گهرن ۾، 35 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 697 مختلف اسپتالن ۾ آهن، 615 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي، جن مان 48 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

بيان موجب 676 نون ڪيسن مان 164 ڪراچي جا آهن، جن ۾ ضلعي اوڀر جا 75، ڏکڻ 28، ڪورنگي 23، سينٽرل 22، ملير 13 ۽ اولهه جا 3 شامل آهن.

اهڙي ريت حيدرآباد ۾ 101، مٽياري 46، بدين ۽ سانگهڙ 31-31، نوشهروفيروز 27، قمبر 25، ٿرپارڪر 24، ٺٽو 23، ميرپورخاص 21، ٽنڊو محمد خان 20، دادو ۽ شهيد بينظير آباد 19-19، گهوٽڪي ۽ ٽنڊوالهيار 18-18، سکر 17، لاڙڪاڻو 14، شڪارپور 13، جيڪب آباد 11، عمرڪوٽ 9، خيرپور 3، ڄامشورو ۽ ڪشمور 1-1 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.