ميھڙ ڀرسان نوجوان کي زخمي ڪندڙ بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ميھڙ ڀرسان ڳوٺ رمضان ملاح جي رھواسين زخمي نوجوان گلشير ملاح پنھنجي امڙ آمنه خاتون ۽ زال صفوران خاتون اميران خاتون فاطما خاتون ڀاء سڌير ملاح ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ته  اسان جو نوجوان گلشير کوسو مزدوري کان واپس ڳوٺ اچي رھيو ھو ته بنا سبب بااثر اڪبر کوسو ۽ ان جي پٽن ياسين کوسو يامين کوسو ۽ ٻين صالح شاخ ڀرسان لٺيون ڪھاڙيون ۽ ڏنڊا ھڻي  کيس سخت زخمي ڪري ڀڄي ويا جنھن سبب سندن ٻانھن ڀڄي پئي آھي ، ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين مزدوري ڪندڙ آھيون ظالمن اسان سان بنا ڏوه جي ظلم ڪيو آھي نوجوان گلشير جي زخمي ٿيڻ کان پوء سندس ٻارڙا ۽  گھر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ،  ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته خدا جي واسطي اسان مسڪينن جو نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري اسان جي زندگي بچائي انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ غلام شبير ملاح ٻڌايو ته اسان جي ملاح برادري سان ظلم ڪيو ويو آھي مزدور گلشير ملاح کي بنا سبب ڌڪ ھڻي زخمي ڪيو ويو آھي جيڪو مزمت جوڳو عمل آھي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.