ڪراچي: اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس وئڪسينيٽرجي مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال جاري

اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس وئڪسينيٽرن پاران نوڪرين تان لاهڻ ۽ ٻيهر انٽرويو ڪرڻ باوجود مستقل آرڊر نه ڏيڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اٺين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي، احتجاج تي ويٺل ملازمن چتاءَ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته سنڌ اسيمبلي جو ٻيھر گهراءُ ڪنداسين،ان موقعي تي برطرف ڪيل ملازم غياث الدين،علي رضا ميمڻ،جاويد علي پنهور،مقصود شيخ ۽ ٻين چيو ته 2 سال نوڪريون ڪيون آھن پر سنڌ حڪومت ٻيھر انٽرويو ڪرائڻ باوجود انهن کي پڪا آرڊر نه پئي ڏئي ۽ بنا ڪنهن جواز جي برطرف ڪيو ويو آهي،جڏهن ته اسان سان گڏ ڪراچي جي ڪيترن ئي اميدوارن امتحان ڏنا ھئا انهن کان نه ٻيهر انٽرويو ورتا ويا آهن نه ئي وري ڪراچي مان ڪنهن ملازم کي برطرف ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته جيستائين برطرف ملازمن کي بحال نه ڪيو ويندو سڄي سنڌ ۾ احتجاج جي تحريڪ جاري رهندي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.