صحافين لاءِ پريس گيلري جي بندش بابت سوال تي فواد چوڌري مُنجهي پيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي خطاب دوران صحافين لاءِ پريس گيلري جا دَر بند ڪرڻ تي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري جو ردعمل اچي ويو.

صحافين کي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري ۾ داخلا کان روڪڻ تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو باڊي سخت احتجاج ڪيو.

پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پارليامينٽ جي گيٽ نمبر هڪ تي ڌرڻو هڻندي چيو ته پارليامينٽ ڪور ڪندڙ صحافين کي پريس گيلري جا ڪارڊ جاري نه ڪيا ويا، صحافين بدران ٻين ماڻهن کي پريس گيلري جا ڪارڊ جاري ڪيا ويا ۽ صحافين کي اهم ڪوريج کان روڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان هڪ صحافي طرفان پڇيل سوال تي جواب ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ڪورونا وائرس سبب پريس گيلري بند ڪئي وئي هوندي.

صحافي طرفان ٻيهر ساڳيو سوال ورجائڻ تي فواد چوڌري چيو ته توهان اسپيڪر آفيس کان ان حوالي سان پتو ڪيو آهي؟ گڏوگڏ هن چيو پتو لڳايون ٿا ته پريس گيلري ڇو بند ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.