کپرو ، جھڏو ، ڏھرڪي ، قمبر ۽ شھدادپور جون خبرون

کپرو: دعوت اسلامي جي نگراني ۾ هلندڙ مدرسي ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪندڙن جي مان ۾تقريب

جهڏو : ڪنري واسڻ عورت پاران اڳوڻي مڙس خلاف ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج

ڏھرڪي  ڀرسان رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ، نينگر کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

قمبر:فرينڊز ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران دعاءِ نجات جو پروگرام

شهدادپور : ڪشچند کان مقصودو رند ويندي واپاري کان ڦر، مزاحمت تي تشدد

1

 

کپرو جي علائقي  غريب آباد جي نوراني مسجد ۾   دعوت اسلامي جي زيرنگراني  هلندڙ مدرست المدينا ۾ الله قرآن پاڪ حفظ ۽ مڪمل ڪندڙن جي مان ۾ هڪ شاندار تقريب ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ مولوي محمد يوسف عطاري، ، قاري محمد شريف قادري،  ناصر عطاري،جاويد عطاري  قاري محمد علي حسن عطاري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي،  ان موقعي تي قران شريف حفظ ڪندڙ محمد قاسم ملڪ ، سيد جنيد شاهه کي دعوت اسلامي پاران  سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو  ان موقعي تي آيل ماڻهن ۽ مدرسي  جي استادن ۽ ٻارن پاران حافظ قرآن محمد قاسم ملڪ   کي   گلن ۽ نوٽن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وئي  جڏهن تـ تقريب کي خطاب ڪندي قاري محمد شريف قادري، ۽ ٻين چيو تـ دعوت اسلامي پاران کپرو ۾ پڻ اسلامي تعليم جي لاء مدرسا کوليا ويا آهن جنهن ۾ فيضان مدينا جي نگراني ۾ هلندڙ مدرسن ۾ ٻارن کي مفت اسلامي تعليم ڏني وڃي ٿي

02

جهڏو ۾ ڪنري واسڻ عورت شريمتي گنگا ڪولهي پاران اڳوڻي مڙس خلاف ميڊيا سينٽر جهڏو آڏو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪجھ عرصو اڳ هن پنهنجي مرضيءَ سان اڳوڻي مڙس ويرسي کان طلاق وٺي، اٽڪل ٻه مهينا اڳ امريو ڪولهي سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ شاديءَ ڪئي آهي، جنهن بعد سندس اڳوڻو مڙس ويرسي ۽ هن جا مائٽ جان جا دشمن بڻجي ويا آهن، اڳوڻو مڙس ويرسي، ۽ سندس ڀائر ٻيجلو، سونو، موهن، ڀورو ۽ سندس مائٽ هم صلاح ٿي موت مار ۽ ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، هن ايس ايس پي عمر ڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي بدين، سميت سمورن وس وارن کان اپيل ڪئي ته تحفظ ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.

3

ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ حاجي ڪيھر ستابو مھر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، ڇتي ڪُتي 07 سالا نينگر شعبان ملڪ پٽ علي نواز ملڪ کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو ، علي نواز ملڪ ميڊيا کي دانهيندي چيو ته ڪتن جي آزار سبب ماڻهن جو گهرن مان نڪرڻ محال ٿي  ويو آهي،  شعبان دوڪان تان شي وٺڻ ويو ته کيس ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، هن چيو ته اسان يونين ڪائونسل  وارن کي رولو ڪتن جي آزار سبب دانھيو به آهي پر انهن جي ڪن تي جونء نه ٿي چري.

04

فرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران قمبر  پريس ڪلب آڏو اٺين ڏينهن تي به ادارن ۾ ويٺل مافيائن ۽ نااهل انتظاميا کان نجات لاءِ دعاء نجات جو  پروگرام رکيو ويو ، دعاء نجات ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير عبدالمجيد سومرو،سڪندر جهنڊيل، خالد حسين مارفاڻي، ليکڪ گلشن چانڊيو،  رئيس صدام مارفاڻي، همٿ علي ڦل، مخدوم خليق الزمان،ساگر عطاء الله،۽ ٻين  شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  مشاورت سان احتجاج جو ٻيو هفتو شروع ڪرڻ لاء نئين رٿا بندي جوڙي پنهنجي شهرجي بنيادي حقن لاء جد وجهد ڪئي ويندي.

 

05

شهدادپور جي سلطان انڊسٽيز گروپ جي واپاري سيٺ ڪشچند کان مقصودو رند ويندي رستي ۾ گاڏي روڪي 4 اڻڄاتل هٿياربندن 7 لک 60 هزار رپيا ڦر ڪري ورتا،  مزاحمت تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو. واقعي بعد واپارين پاران شاهپور چاڪر روڊ تي احتجاج  ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ويو،  ان موقعي تي متاثر سيٺ ڪشن ميڊيا کي ٻڌايو ته هو  مقامي بينڪ مان روڪ رقم ڪڍرائي مقصودي رند پنهنجي دڪان تي کڻي وڃي رھيو هو ته شھر جي مصروف علائقي ڪوس گهر وٽ ھٿياربندن ڦر ڪري مزاحمت ڪرڻ تي تشدد ڪيو ۽ فرار ٿي ويا، واپارين چيو ته شھدادپور پوليس جي ڇڙواڳي ۽ ناهلي سبب اسين ڪاروباري ماڻھو محفوظ ناهيون. ، هنن مطالبو  ڪيو ته فوري طور تي چوري ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦريل رقم  واپس ڪرائي وڃي .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.