ذهني پريشانين مان ڇوٽڪاري جو سولو طريقو

 

اڄڪلهه جي تيز رفتار دور ۾ شايد ئي ڪو انسان هوندو جيڪو سئو سيڪڙو ذهني پريشانين کان آزاد هوندو.

هر ماڻهو کي پنهنجي زندگي جي حساب الڳ الڳ نوعيت جي پريشانين سان منهن ڏيڻو پوندو آهي جنهن جي ڪري اڪثر ماڻهو ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار بڻجي ويندا آهن ۽ ذهني ٿڪاوٽ جسماني ٿڪاوٽ کان گهڻي مختلف ۽ خطرناڪ هوندي آهي.

جسماني ٿڪاوٽ جي خاتمي يا چستي جي لاءِ گهڻي قدر اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته جسماني ورزش ئي ان جي لاءِ تمام گهڻي فائديمند آهي.

جسماني ورزش ڪرڻ سان ماڻهو جسم ۾ سور، هڏن ۽ جوڙ جي سور سميت سستي ۽ ڪاهلي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.

تنهن هوندي به اها ورزش واري عادت ذهني مرضن کان بچائڻ لاءِ به وڏي فائديمند ثابت ٿيندي آهي.

اهڙي ڳالهه سوئيڊن ۾ ٿيندڙ هڪ صحت جي حوالي سان تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ليونڊ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ورزش ڪرڻ جو عمل ذهني ڳڻتي ۽ بيچيني (انزائٽي) کان محفوظ بڻائيندو آهي.

هڪ اندازي موجب انزائٽي ڊس آرڊر حصا دنيا جي ڏهه سيڪڙو آباد کي ٿيندا آهن ۽ مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ گهڻي موجود هوندي آهي.

اهو پهريون به خيال ڪيو ويندو هو ته ورزش ڪرڻ جي عادت ذهني بي چيني ۽ ڳڻتي ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي آهي.

ان تحقيق ۾ اهو خيال سچ ثابت ٿيو آهي جنهن ۾ 1989 کان 2010 تائين ڪراس ڪنٽري اسڪاءِ ريس جو حصو بڻجندڙ لڳ ڀڳ 4 لک ماڻهن جي ڊيٽا جي جاچ ڪئي وئي.

نتيجن مان خبر پئي ته جسماني طور تي سرگرم ماڻهن ۾ انزائٽي جا امڪان ٻين جي مقابلي جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هوندا آهن.

ماهرن موجب اسان اهو لڌو آهي ته جسماني طور تي گهڻو متحرڪ عملي زندگي کي اختيار ڪندڙ ماڻهن ۾ انزائٽي ڊس آرڊر جو خطرو ايندڙ 21 سالن دوران لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

هنن ٻڌايو ته مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ جسماني طور اهو عمل هڪ جيترو ئي ڪم ڪندو آهي.

تحقيق ڪندڙن اهو به لڌو آهي ته جيڪي عورتون جسماني طور تي گهٽ متحرڪ هونديون آهن انهن ۾ انزائٽي جا خطرا 100 سيڪڙو وڌي ويندا آهن.

ماهرن اهو ٻڌايو آهي ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته انزائتي جون علامتون ۽ ورزش بابت روين وچ ۾ لاڳاپو موجود آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

هاڻي انهن طرفان ڪنٽرول ٽرائلز جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.

اهڙي تحقيق جا نتيجا طبي ميگزين فرنٽيئرز ان سائيڪاٽري ۾ ڇپيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.