گهڻي ويهڪ سان صحت تي پوندڙ اثر

 

هونئن ته دنيا جي رونق ماڻهن جي محنتن جي ڪري ئي ممڪن بڻي آهي، ننڍا توڙي وڏا شهر اڏجڻ، خوبصورت عمارتون، درياهن ۽ ندين جي اندر توڙي مٿان تمام وڏيون پُلون وغيره ۽ اسان جي کاڌ خوراڪ لاءِ ٿيندڙ فصل به سخت محنت جو ئي نتيجو آهن.

تنهن هوندي به دنيا اهڙن ماڻهن سان به ڀري پئي آهي جيڪي گهڻو وقت ويهي گذاريندا آهن ۽ ڪنهن به قسم جي محنت کان گهڻو پري رهندا آهن.

گهرن ۾ رهندڙ وقت ماڻهن يا ته رڳو آرام ئي ڪندا رهندا آهن يا وري پنهنجو گهڻو وقت موبائل استعمال ڪندي گذاريندا آهن جنهن جي ڪري اهي ويهڪ جا عادي بڻجي ويندا آهن ۽ انهن مان هلڻ ڦرڻ جي عادت نڪري ويندي آهي.

ٻئي پاسي آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ نوڪري واري ماڻهن جو هلڻ ڦرڻ به تمام ٿورو ٿيندو آهي جيڪو وڏي حد تائين نقصانڪار هوندو آهي.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ڏينهن جو گهڻو وقت ويهي گذارڻ سان ماڻهو ڪهڙي بيمارين ۾مبتلا ٿي سگهي ٿو؟

ڪجهه عام اثر جيڪي گهڻي ويهڪ جي ڪري ٿيندا آهن.

  1. اکين جي هيٺان کڏا پئجي وڃڻ.

اکين جي چوڌاري يا هيٺان جيڪڏهن کڏا پئجي وڃن يا اکيون سُجي وڃن ته اهو گهڻو وقت هڪ ئي جاءِ تي ويهڻ جي ڪري ٿيندو آهي.

  1. قبضي جي شڪايت

جيڪڏهن توهان پنهنجو گهڻو وقت ويهي گذاريندا آهيو ته توهان جو کاڌو هضم نه ٿيندو ۽ توهان کي قبضي جي شڪايت ٿيڻ شروع ٿي ويندي جيڪا وري ڪيترن ئي بيمارين جي جَڙ آهي.

  1. جوڙن ۾ تڪليف يا سُور

ورزش ڪرڻ سان جوڙن جي سُور يا مرضن جي واڌ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، خاص ڪري گهٽ شدت واريون ايروبڪ ورزشون ان لاءِ گهڻيون فائديمند هونديون آهن، پر جيڪڏهن توهان ويهي پنهنجو وقت گذارڻ جا عادي آهيو ته توهان کي جوڙن جي سُور جي شڪايت ضرور ٿي سگهي ٿي.

  1. ٿولهه جو شڪار ٿي وڃڻ

گهڻو وقت ويهڪ ڪرڻ سان جسم ۾ چرٻي جعم ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن سان ماڻهو ٿلهو ٿي ويندو آهي.

  1. گردن جو مرض

هر وقت ويٺل رهڻ سان گردن جي خطرناڪ بيمارين جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

گردن جي خطرناڪ مرضن ۾ اهي عضوا رت کي صحيح طريقي سان فلٽر ناهن ڪري سگهندا جنهن جي نتيجي ۾ جسم ۾ گند ڪچرو جمع ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ گردا فيل ٿي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ موت جو سبب به بڻجي ويندو آهي.

  1. ذهني پريشاني

صحت جي مختلف تحقيقي رپورٽن مان خبر پئي آهي ته گهڻو وقت ويهڪ ڪرڻ جي عادت ڊپريشن، سماجي طور الڳ ۽ اڪيلو ٿيڻ، بي خوابي ۽ خراب صحت جو سبب بڻبو آهي.

  1. ڪينسر

آمريڪي نيشنل انسٽيٽيوٽ جي هڪ مطالعي ۾ 50 کان 71 سال جي 2210000 ماڻهن تي تحقيق ڪئي وئي جيڪو رسرچ جي شروعات تي ڪنهن دائمي بيماري ۾ مبتلا نه هئا.

تحقيق کانپوءِ اداري ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته گهڻي ٽي وي ڏسندڙ ماڻهن ۾ دل جي مرضن ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان گهڻا هوندا آهن.

  1. ذهني گهٽتائي

بوسٽن يونيورسٽي جي تحقيق موجب اهڙا مرد ۽ عورتون جيڪي پنهنجي عمر جي چوٿين ڏهاڪي ۾ ان فٽ يا ويهڪ جا عادي هوندا آهن انهن ۾ 60 سالن جي عمر کانپوءِ دماغ جي گري ميٽر جو انگ گهٽجي ويندو آهي ۽ اهي ذهني آزمائش ۾ به ناقص ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.