هڏن جي سُور، ذهني ڪمزوري ۽ بلڊ پريشر سميت انيڪ مسئلن جو واحد حل

 

انساني صحت جي حوالي سان اڄ هڪ اهڙو نسخو آندو آهي جنهن جو استعمال هڏين جي سُور، ذهني ڪمزوري ۽ بلڊ پريشر جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي.

جيڪڏهن توهان به جسماني ڪمزوري سان گڏوگڏ ذهني ڪمزوري جو شڪار آهيو ته اهو نسخو هڪ ڀيرو ضرور استعمال ڪري ڏسو.

ان جي لاءِ توهان کي ڦلن (پاپ ڪارن) جهڙي مخاني جو استعمال ڪرڻو پوندو.

ان جي استعمال کانپوءِ توهان هڪ ڪوپ کير پي ڇڏيو ان ۾ مخاني جو پائوڊر ۽ ٻه يا ٽي ڪَتَلَ جون ڳڙيون وجهي ڇڏيو.

انکانپوءِ ان کي هلڪي باهه تي ٻن يا ٽن منٽن تائين پچايو ۽ آخر ۾ ٻه وڏا چمچا بادام جو پائوڊر وجهي ڇڏيو.

ان کي ٻيهر صحيح نموني ڏهن منٽن تائين پچائي انکي باهه تان پري ڪيو پوءِ انکي ٿڌو ڪري کائي سگهو ٿا.

ان نسخي کي ٽن ڏينهن جي لڳاتار استعمال سان توهان پنهنجو پاڻ ۾ فرق محسوس ڪندئو.

مخانن کي استعمال ڪرڻ جا ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن.

  1. روزاني سوين مسئلن جي ڪري ذهني دٻاءُ وڌي ويندو آهي جنهن جي ڪري دماغي ڪمزوري ٿي ويندي آهي تنهن ڪري اهو ئي کير پيئڻ سان توهان جي ذهن کي طاقت ملندي.
  2. بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به مخانن ۾ وڏي صلاحيت آهي ۽ کير سان ان جو استعمال انهن فائدن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيندو آهي.
  3. پُٺَن ۽ جوڙن ۾ سُور جي لڳاتار شڪايتن تي توهان ان کِير کي ضرور استعمال ڪيو ڇو ته اهو هڏين کي طاقت ڏيندو آهي ۽ جسم جي پاڻياٺ کي وڌائيندو آهي جيڪي اسان کي هلڻ ڦرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
  4. جيڪڏهن توهان جا وار ڇڻي رهيا آهن ۽ خالي چمڙي جو مسئلو آهي ته توهان خَس خَس کي کير ۾ صحيح نموني پچائي پي ڇڏيو ۽ مخانن کي ڀُڃِي استعمال ڪيو.
  5. وقت کان اڳ منهن ۾ گهنج پوڻ، اڇا وار ۽ پوڙهائپ جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪنهن ٽانڪ کان گهٽ ناهي.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.