بلاول جو ميڊيا اٿارٽي بل خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت ميڊيا اٿارٽي وارو بِل زبردستي منظور ڪرايو ته عدالت وينداسين.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران صحافين جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي بلاول ڀُٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان حڪومت کي ڪنهن جي به روزگار تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، جن صحافين تي حملا ٿيا جيستائين اهي مطمئن نٿا ٿين تيستائين اسان به مطمئن نه ٿينداسين، اسان کي سڄي ملڪ ۾ صحافين سان ٿيندڙ ناانصافين کي روڪڻ گهرجي.

بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشن کي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي، چور درن ذريعي قانون آندا ويندا آهن، شڪ آهي ته حڪومت پارليامينٽ جي ڪنهن گڏيل اجلاس ۾ ميڊيا اٿارٽي وارو بِل پاس ڪرائيندي، ميڊيا اٿارٽي وارو اهو بِل معاشي ڌاڙو ۽ معاشي حملو آهي، اڄ صحافت جي آزادي ۽ ڪڍيل 20 هزار ملازمن جي حق لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪنداسين.

هن چيو ته شهباز شريف سميت سڀني اپوزيشن اڳواڻن سان سٺا لاڳاپا آهن، فضل الرحمان جو احترام ڪندا آهيون ان سان ڪو به ذاتي اختلاف ناهي، شهباز شريف ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ اسان کي اعتماد ۾ وٺندو آهي.

سندس چوڻ هو ته اهو ڪارو قانون جيڪڏهن بڻجي به وڃي ٿو ته صحافي ان کي ختم ڪري ڇڏيندا، ملڪ ۾ جمهوريت جي حوالي سان اپوزيشن هڪ پيج تي آهي، عدم اعتماد جمهوري هٿيار آهي، اسان عدم اعتماد ذريعي هن سليڪٽڊ کي ختم ڪنداسين.

ان موقعي تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف به پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين جي ڌرڻي ۾ پهتو.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون جي مذمت ڪيون ٿا، اهو ڪارو قانون ڪڏهن به پاس ٿيڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جو سموريون پارٽيون صحافين سان گڏ آهن.

اپوزيشن اڳواڻ چيو ته ميڊيا جي آزادي لاءِ ميڊيا پاڻ جنگ وڙهي آهي، اهو ڪارو قانون پاس ڪرڻ جو نه حڪومت ۾ دم آهي نه ئي اسان ائين ٿيڻ ڏينداسين، حڪومت صحافين خلاف ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.