ججن، بيورو ڪريٽس ۽ سرڪاري ملازمن کي ڪڻن ذريعي پلاٽن جي الاٽمينٽ معطل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيڪٽر ايف 14 ۽ 15 ۾ سرڪاري ملازمن، ججن ۽ بيورو ڪريٽس کي ڪڻن ذريعي پلاٽن جي الاٽمينٽ معطل ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل خاص ڊويزن بئنچ پلاٽن جي الاٽمينٽ خلاف مختلف درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي ڪئي.

فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائز هائوسنگ فائونڊيشن عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ان معاملي تي ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا ڪابينا جي رپورٽ پيش ڪندي.

عدالتي پڇاڻي تي ٻڌايو ويو ته عدليا، صحافين، وڪيلن ۽ خود مختيار ادارن جي ملازمن کي ڪوٽا سسٽم تحت پلاٽ ڏنا ويندا آهن.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مزدور جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ان کي پلاٽ ڇو ناهيو ڏيندا؟ وفاقي حڪومت جي پاليسي هجي ته رڳو بي گهر ماڻهن کي پلاٽ ملي، جيڪو ان کي کپائي نه سگهي.

جسٽس اطهر من الله پڇيو ته ميمبر شپ وٺندڙ 31 کان 32 هزار ماڻهو پلاٽ جي انتظار ۾ آهن، ڪيترن ئي سالن کان پلاٽ جي منتظر ميمبرز کي جمپ ڪري ٻين کي ڪيئن پلاٽ الاٽ ڪيا ويا؟ ڪا ويٽنگ لسٽ به ته هوندي، توهان ته سزا يافته ۽ ملازمت تان هٽايل ججن کي به پلاٽ ڏئي ڇڏيا.

هاءِ ڪورٽ سيڪٽر ايف 14 ۽ 15 ۾ سرڪاري ملازمن، ججن ۽ بيورو ڪريٽس کي ڪڻن ذريعي پلاٽن جي الاٽمينٽ معطل ڪندي اٽارني جنرل کي 14 آڪٽوبر تي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.