گمبٽ : جي يو آءِ ضلعي خيرپور ميرس پاران مجلس عمومي جو اجلاس ۽ تعزيتي ميڙاڪو

گمبٽ ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلعي خيرپور ميرس پاران مجلس عمومي جو اجلاس ۽ سماجي اڳواڻ حافظ گل محمد مري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو،  جنھن ۾ خاص مهمان قائِدِ سنڌُ علاما راشد خالدمحمود سومرو ، مولانا محمدرمضان ڦلپوٽو،مولانا مفتي ثناءُ ﷲ جمالي، مولانا نعمت ﷲ شيخ سميت ٻين ميمبرن سميت سوين جميعت علماء اسلام جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،  ان موقعي تي جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود ڳالهائيندي چيو ته جي يو آئي ملڪ جي ٽيون نمبر  وڏي پارٽي آهي ، وزير اعظم پاڪستان عمران خان ملڪي معيشت کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ، عمران خان جو هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاه لکن گهر ڏيڻ وارو وعدو هن وقت تائين پورو ناهي ٿي سگهيو،  علام راشد خالد محمود سومرو وڌيڪ ڳالھيندي چيو ته سنڌ ۾ بدامني عروج تي آهي لاش به محفوظ ناهن لاشن سان به بدفعلي ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ هن وقت ڪرپشن عروج تي آهي سنڌي ماڻهو نااهل حڪمران جي غلط پاليسين جي ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.