ڏھرڪي: مصطفيٰ آباد ڪالوني جي رھواسين پاران بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

ڏھرڪي جي مصطفيٰ آباد ڪالوني جي رھواسين پاران  بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف تراب شر  دادن ۽ لياقت جي اڳواڻي ۾ مصطفي آباد ڪالوني کان  ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي رضوان نذير  جي آفيس جي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مصطفي آباد ڪالوني جو ڊرينج سسٽم ناڪارا ٿي ويو آهي،  ڪالوني جي چوڌاري گندي پاڻي جا تلاء بيهجي ويا آهن، ڌپ بدبو سبب ڪالوني ۾ بيماريون  پکڙجي ويون آهن،  ڏهن سالن کان ڪالوني جو بجلي جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي،  پيسا ڀري ڀري ٿڪجي پيا آهيون، هنن چيو ته انهن اعلي اختيارين، سيپڪو جي عملدارن ۽ وزيراعظم جي پورٽل تي به  شڪايت ڪئي آهي پر  کڙ تيل نٿو نڪري، هنن سنڌ حڪومت سميت صدر پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته انهن جي ڪالوني جا مسئلا حل ڪيا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.