نوابشاھ : سي اين جي مهانگي ڏيڻ خلاف ڄام صاحب ۾ ٽرانسپورٽرن پاران احتجاجي مظاهرو

نوابشاھ ۾ سي اين جي اسٽيشن تي سي اين جي مهانگي ڏيڻ خلاف ڄام صاحب ۾ ٽرانسپورٽرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  سي اين جي جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ خلاف ڄام صاحب جي ٽرانسپورٽ اڳواڻن شير شر رفيق ڏاھري شبير رند جي اڳواڻي ۾ ڄام صاحب پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي، احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ نوابشاھ ۽ شاھپور چاڪر جي سي اين جي اسٽيشن تي 15 کان 20 روپيا ڪلو سي اين جي مهانگي ڏئي رهيا آهن،ھنن چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ ڏاڍو ڏکيو گذر سفر ٿي رهيو آهي،  مٿان وري هٿرادو سي اين جي جي اگهه ۾ واڌ هئڻ ڪري گاڏين جو خرچ به نٿو نڪري سگهي جنهن سبب اسان جي گهرن جا حالات خراب ٿي ويا آهن، احتجاج ڪندڙن ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊي سي شھيد بينظير ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.