کپرو: راڄڙ ھائوس تي جي ڊي اي ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ پاران ورڪرز ڪنوينشن

کپرو ۾ راڄڙ ھائوس تي جي ڊي اي ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ پاران ورڪر ڪنوينشن ڪوٺايو ويو،  ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ  کپرو تعلقي جي عهديدارن جي چونڊ ٿي،  پروگرام ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي سانگهڙ جي صدر  نانا غلام دستگير راڄڙ۔ خدابخش درس۔ ممتاز ملاح۔ محمد خان منڱريو۔ خليفو احمد راڄڙ  حاجي خان هنگورجو  سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي،  جي ڊي اي جي ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو ، ان موقعي ته فنڪشنل مسلم ليگ ضلع سانگهڙ جي صدر نانا غلام دستگير راڄڙ خدابخش درس ۽ ٻين  اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسين حر جماعت جي روحاني پيشوا اعلي  حضرت پير سائين پاڳاري ۽ صدر الدين شاهه راشدي جي حڪم تي مختلف تعلقن ۽ يوسين ۾ نوان عهديدار چونڊي رهيا  آهيون جنهن ۾ اڄ تعلقي کپرو ۽ سٽي جي نئين باڊي چونڊي وئي آهي، هنن نئين چونڊ جي آيل عهديدارن کي مبارڪون ڏئي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ، ان موقعي تي ڳالهائيندي سندن چوڻ هو ته کپرو پريس ڪلب جي بلڊنگ جلد صحافين کي تعمير  ڪرائي ڏني وڃي جيڪو صحافي دوستن  جو بنيادي حق آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.