گمبٽ ، سامارو ، ميرپوربٺورو ، ڪنڌڪوٽ ۽ گلشن اقبال جون خبرون

گمبٽ جي ڪسان ميڊيڪل سينٽر ۾ ذهني مريضن لاءِ مفت طبي ڪيمپ

سامارو ڀرسان گهر تي حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

ميرپوربٺورو: کورواھ بٺورو روڊ نه ٺھڻ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاھرو

ڪنڌ ڪوٽ: گولا برادري پاران ايس ايڇ او بخشاپور خلاف احتجاجي مظاهرو

گلشن اقبال : ثقافت کاتي سنڌ پاران سچل ڳوٺ ۾ راڳ رنگ جي محفل

 

1

گمبٽ جي ڪسان ميڊيڪل سينٽر ۾ سماجي اڳواڻ خليل احمد شيخ پاران ذهني مريضن ۽ منشيات واپرائيندڙن لاء مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون ،طبي ڪيمپ ۾ ذهني بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر دوست محمد بوزدار ۽ ٻين ڊاڪٽرن گمبٽ تعلقي جي ڳوٺن مان آيل سوين مريضن جو مفت چڪاس ڪري مشورا پڻ ڏنا، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ خليل احمد شيخ چيو ته ذهني مريضن کي صحتمند سماج ۽ توجهه جي ضرورت آهي ،هنن چيو ته انهن جو علاج ممڪن آهي پر فوري طور تي ڊاڪٽرن کان راءِ وٺڻ جي ضرورت آهي .

02

ساماري ڀرسان گهرن تي حملو ڪندڙن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو , ساماري لڳ  صوفي فقير ٿاڻي جي حد  واري ڳوٺ شيوارام مالهي ۾ ناٺي پاران پنهنجي ساٿين ۽ عزيزن سان گڏجي سهري جي گهر تي هلان ڪري هوائي فائرنگ ڪرڻ بعد لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي سس جهيڻي ڪولهي , سالي راجو ٻائي , جيٺو ڪولهي , پرتاب ڪولهي کي زخمي ڪرڻ جي  ڪيس ۾ گهربل جوابدارگرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثر ڌر پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي لالو ڪولهي ,جيٺو ڪولهي ,شريمتي جهيڻي ۽ ٻين چيو ته جوابدارن ڌاڙيلن جيان گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري لٺيون ڪهاڙيون هڻي اسان کي زخمي ڪيو , بااثر ڌريون جوابدارن  جو ساٿ ڏئي رهيون  آهن , صوفي فقير پوليس ڪيس ۾ گهربل  جوبدارن خلاف ڪيس داخل ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو پر گرفتاري کان بچيل جوابدار بااثر ذريعي وري گهر تي حملو ڪرڻ ۽ راڄوڻي ڪرڻ  جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ,جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي .

03

جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽  مقامي ڳوٺاڻن پاران کورواھ بٺورو روڊ نه ٺھڻ خلاف بٺورو کورواھ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي ته قادربخش زنئور ۽ ٻين چيو ته 30 سالن کان وٺي بٺورو تعلقي جا سمورا لنڪ روڊ تباھ آهن پر اڄ تائين ڪنهن به روڊ جو ڪم مڪمل نه ڪرايو ويو آهي، هاڻي ته مين روڊ سجاول بٺورو، بلڙي شاه ڪريم روڊ تباھي جي ڪناري تي آهي پر هتان جا چونڊيل نمائندن توڙي حڪمران جماعت صرف اعلان ڪرڻ ۾ پورا آهن ،ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي روڊ تعمير ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي .ان موقعي تي مختلف ڳوٺن جا ماڻهو لکا ڏنو چانڊيو، حاجي حسين چانڊيو ،مجيد چانڊيو ۽ ٻيا شامل هئا.

4

ڪنڌڪوٽ جي گولا برادري پاران ايس ايڇ او بخشاپور خلاف ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ آفيس آڏو هٿن ۾  پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن استاد نثار احمد ۔فدا حسين ۔محمد رفيق ۔صدام گولو ۽ ٻين چيو ته اسان جون مسلسل مينهون چوري ٿي رهيو ن آهن ۽ سڏ پنڌ تي پوليس چوڪي هئڻ باوجود به پوليس چورن جو پيڇو نه  ڪيو ۽ چوري جو ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين تي ايس ايڇ او ڪيس درج ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اڄ اسان مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آھي ، هن چيوپ ته اسين ايس ايس  پي امجد شيخ سميت وس وارن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته چورن جي ساٿاري ايس ايڇ او کي هٽائي  انهن جون چوري ٿيل مينهون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن .

5

ثقافت کاتي پاران سچل ڳوٺ جي پبلڪ بي نظير ڀٽو لائبريري ۾ صوفي شام جي عنوان سان راڳ رنگ جي محفل ڪوٺائي وئي جنهن ۾ صوفي راڳين سيد وزير علي شاھ، ڀڳت ڀورا لال، خوشبو لغاري، فقير امتياز فن جو مظاهرو ڪيو محفل جو ميزبان بخشڻ مهراڻوي ۽ خاص مهمان ڊي جي ڪلچر عليم لاشاري هو ، ڪوٺايل صوفي تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ اديب اڳواڻن ڊاڪٽر شير مهراڻي، اقبال چنه ،محمد سليمان آگرو ،محمد سليمان وساڻ، وهاب سومرو، اڪبر مغيري،امان انصاري، فقير ارشاد سومرو، معشوق منگي، فدا ملانو سميت رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صوفي راڳي وزير شاھ چيو ته صوفي راڳ هيڪڙائي ۽ امن ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو عليم لاشاري چيو ته ڪووڊ جي ماحول ۾ عوام کي تفريح مهيا ڪئي آهي ۽ صوفي سنگ امن جو پيغام آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.