صدر علوي، عمران خان کي دنيا جو مهان ترين انسان بڻائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي چيو آهي ته دنيا عمران خان جي سياسي حڪمت عملي تي ان جي شاگردي ۽ مريدي اختيار ڪري.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي چوٿين خطاب ۾ مملڪتي صدر عارف علوي چيو ته دعا آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري قدر ۽ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جون روايتون وڌن، گذريل ٽن سالن کان پاڪستان ۾ هاڪاري تبديليون آيون آهن.

هن چيو ته ڪورونا جي هاڪاري اثرن سبب دنيا جي معيشت گهٽجي وئي پر پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي بهتر ٿي، پاڪستان ۾ معيشت ڪورونا وبا باوجود بهتر رهي.

اپوزيشن جي لڙ تي مملڪتي صدر جواب ڏيندي چيو آهي ته توهان ڀلي ڪيترو به لڙ بکيڙو ڪيو پر توهان کي حقيقت مڃڻي پوندي، ملڪ صنعتي انقلاب مان گذري رهيو آهي جنهن کي لڙ بکيڙي سان نٿو روڪي سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته سيڙپڪارن جو حڪومتي پاليسين تي يقين 60 سيڪڙو وڌيو آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج بهتر ڪارڪردگي جي حوالي سان ماضي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا جڏهن ته تعميراتي شعبي ۾ تاريخي ترقي جو تاج وزيراعظم جي مٿي جو آهي. زرعي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي، ماضي جي حڪومتن ڪارخانن ۽ صنعتن مان ترقي ڪئي.

مثالي عوامي حڪومتون رد، دنيا عمران خان جي شاگردي ۽ مريدي اختياري ڪري: صدر

سندس چوڻ هو ته ڪاروبار شروع ڪرڻ جي حوالي سان سولائين ۾ 28 حصا بهتري آئي آهي، سيمينٽ ۽ اسٽيل سان گڏ 60 جي ويجهو صنعتون هلي رهيون آهن، پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ به 60 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ايف بي آر گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيا جڏهن ته آئي ٽي برآمدن ۾ 47 سيڪڙو واڌ ٿي.

عارف علوي چيو آهي ته چونڊن ۾ شفافيت هجڻ گهرجي تنهنڪري چونڊ سڌارن کي سياسي فٽبال نه بڻايو وڃي، سڌارا اهڙا نه جيئن هتي لُڙ بکيڙو ڪيو پيو وڃي، اميد ڪيان ٿو ته سياسي پارٽيون آئي ووٽنگ جي لاءِ ڀرپور حمايت ڪندا.

هن جو چوڻ هو ته ايڏو وڏو مشورو ڏنو ويو پر کربين ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي، لکين ماڻهو مري ويا پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي، پوءِ گهٽ ۾ گهٽ سياسي حڪمت عملي واري مشورن تي ئي ڪم ڪيو، دنيا عمران خان جي سياسي حڪمت عملي جي شاگردي ۽ مريدي اختيار ڪري.

ملڪ جي صدر چيو ته وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن بابت خبر ڪوڙي هئي، ڪوڙين خبرن کي پهريان تڪي توري احتياط ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.