”منال خان“ جي شادي ۾ ”ايمن“ ڪنوار بڻجي وئي

پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ناليواري ڀينرن اداڪارا منال ۽ ايمن جو شمار بهترين ۽ خوبصورت اداڪارائن ۾ٿيندو آهي.

اداڪارا منال خان جي وليمي واري تقريب جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ايمن هڪ عورت کي سمجهائيندي نظر اچي رهي آهي.

ٿيو ائين ته ايمن خان اسٽيج تي ڪجهه عورتن سان ڪچهري ڪري رهي هئي ته اتي ڳاڙهو جوڙو پهريل هڪ عورت اچي وئي ۽ عورت سمجهيو ته اسٽيج تي ڪنوار مطلب ته منال خان ويٺل آهي.

تنهن هوندي ايمن عورت جي غلط فهمي ختم ڪندي ٻڌايو ته مان ڪنوار ناهيان، مان ڪنوار جي ڀيڻ آهيان، اداڪارا هٿ جي اشاري سان عورت کي ٻڌايو ته ڪنوار هن طرف ويٺل آهي.

اها وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾لکيل آهي ته ”جڏهن توهان جاڙا هوندئو ته ائين ئي ٿيندو آهي“، سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان وڊيو بابت دلچسپ تبصرا به ڪيا پيا وڃن.

ڪنهن چيو ته ايمن ۽ منال جي صورت ۾ واضح فرق آهي ته ڪير ان مهمان عورت سان مخاطب ٿيندي چيو ته ٻنهي ڀيڻن ۾ فرق ڪرڻ مشڪل آهي.

واضح رهي ته منال خان ۽ احسن محسن اڪرام جي شادي تقريب جي شروعات ڍولڪي سان ٿي جنهن کانپوءِ نڪاح ۽ گذريل ڏينهن ٻنهي جي وليمي جي تقريب ٿي ۾ شوبز شخصيتن به شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.