ججن جي مقرري: چيف جسٽس وڪيلن کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ججن جي مقرري تي بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي نظرانداز ڪرڻ خلاف نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ جي وڪيل برادري سراپا احتجاج آهي.

ان سلسلي ۾ تازو وڪيل تنظيمن جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو ۽ بار ڪائونسلز جو چوڻ هو ته ججن جي مقرري ۾ سينارٽي اصولن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سينيئر هجڻ باوجود سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ڪرڻ ناانصافي آهي.

ان معاملي تي هاڻ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

نئين عدالتي سال جي موقعي تي فل ڪورٽ ريفرنس سان خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ججن جي مقرري تي سدائين بار ڪائونسلز جي راءِ ورتي وئي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته  ججن جي مقرري تي بار ڪائونسلز جي احتجاج پويان ڪهڙا سبب آهن.

هن چيو ته بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن لاءِ هن وقت به دَر کليل آهن.

ان موقعي تي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته اعليٰ عدليا ۾ عورت جج جي کوٽ اڌ آبادي نمائندگي کان محروم رکندي، سينارٽي تي ججن جي مقرري جو مسئلو لاڳاپن ۾ بگاڙ جو سبب بڻجي ويو، ججن جي مقرري ۾ شفافيت سان پسند ۽ ناپسند جو عنصر ختم ڪري سگهجي ٿو، اڄ کان اڳ بئنچ ۽ بار وچ ۾ ايڏيون وڇوٽيون ڪڏهن نه هيون، هاڻ وڪيل هڙتال ڪندا آهن ۽ عدالتن جا دَر بند ڪيا ويندا آهن.

فل ڪورٽ ريفرنس سان خطاب ڪندي پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر امجد شاهه چيو ته ملڪ جو عدالتي نظام، خاص طور هيٺين عدالتن ۾ شفاف ۽ تڪڙي انصاف جي فراهمي اطمينان جوڳي ناهي، اها ڳالهه ساراهه جوڳي آهي ته عدالتن اڳوڻي وزيراعظم جي ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ڪري فيصلا ڪيا پر ٻه ڀيرا آئين کي پامال ڪندڙ آمر جو ڪيس اڄ تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.