ميٿيو هيڊن ۽ ورنن فلينڊر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جا ڪوچ مقرر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ جي نئين چيئرمين رميز راجا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ميٿيو هيڊن ۽ اڳوڻي ڏکڻ آفريقي فاسٽ بالر ورنن فلينڊر کي قومي ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رميز راجا چيو ته هيڊن جارحاڻي انداز جو بيٽسمين رهيو آهي، فليڊر کي به ڄاڻان ٿو، هو سٺي ان پٽ ڏيندو، بئنڪ الفلاح ٻنهي ڪوچن جو معاوضو ادا ڪندي، انهن سان اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ ٿي آهي، ٻنهي پرڏيهي ڪوچن سان گڏ هڪ پاڪستاني ڪوچ لڳندو.

هن چيو ته ڀارت سان کيڏڻ لاءِ ان جي پويان نه ڀڄنداسين، پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ في الحال ته ممڪن ناهي، اسان کي به کيڏڻ جي تڪڙ ناهي، سياست سبب راندين جا معاملا پري ٿي ويا.

سندس چوڻ هو ته نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ ڊي آر ايس نه هجڻ مون کي برو لڳو، مان ان معاملي تي ضرور ڳالهائيندس، جڏهن ته ٽيم ۾ مان ڪي تبديليون ناهن ڪيون، اهڙن خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي.

رميز راجا چيو ته عمران خان تمام وڏو ليڊر آهي، هن مون تي اعتماد ڪيو، مصباح ۽ وقار ايمانداري سان ڪم ڪيو، انهن جا به ٿورائتا آهيون، هيءَ پوزيشن آسان ناهي، هيءَ فائرنگ رينج آهي، اسان کي ڪرڪيٽ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ چئلينج پورا ڪرڻا آهن، ڪامينٽري باڪس آسان پوزيشن آهي، ان کي ڇڏي هتي اچڻ چئلينجنگ آهي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته 1992 جي ٽيم به هتي موجود آهي، انهن کي چوان ٿو ته کليل نموني راءِ ڏيو، ڪرڪيٽ بورڊ جي پرفارمنس ڪرڪيٽ ٽيم سان جڙيل هوندي آهي، اسڪول ۽ ڪلب ڪرڪيٽ کي بهتر ڪرڻو آهي، فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ غير يقيني جي صورتحال آهي.

هن چيو ٽيم جي رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ کين ٻڌايو آهي ته ڪهڙو ماڊل اختيار ڪرڻو آهي، منهنجي خواهش آهي ته ٽيم سڀ کان بهتر ٿئي، اسان کي ٽيڪنڪ بهتر ڪري بي خوف رويو اختيار ڪرڻو پوندو، سليڪشن جي معاملي ۾ تسلسل آڻڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ ورلڊ ڪپ ٽيم تي بحث ٿيو، اسان ورلڊ ڪپ لاءِ جيڪا ٽيم چونڊي آهي، ان کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي، نوجوانن کي به چانس ڏيڻو آهي، 92 جي ورلڊ ڪپ ۾ معين خان ۽ مشتاق احمد سميت ٻيا نوجوان هئا، پاڪستان وٽ 4 کان 5 ميچ ونر آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ توهان کي سٺيون خبرون ملنديون.

نئين چيئرمين چيو ته 6 مهينن ۾ نتيجا سامهون ايندا، رڳو تنقيد نه ڪيو، اسان کي سڀني جي حمايت جي ضرورت آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هاءِ پرفارمنس سينٽر ٺاهينداسين، ڪوشش هوندي ته ريجن جو ڇوڪرو پنهنجي ريجن سان کيڏي، مان هتي فرق پيدا ڪرڻ آيو آهيان، فرق پيدا نه ٿئي ته منهنجو اچڻ ڪم جو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.