ٽنڊي آدم ۾ فدا ڏيري وٽ قتل جو جرڳو

مقصودو رند (ن ع آ)  مقصودو رند ڀرسان سرهاڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان جلباڻي وٽ ڏيڍ سال اڳ مبينا ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان وحيد رند جي خون جو جرڳو ڏيرا هائوس تي پ.پ جي اڳوڻي سينيٽر فدا حسين ڏيرو جي سرپنئچي هيٺ ٽنڊوآدم ۾ ٿيو. جرڳي ۾ مقتول وحيد رند جي ڀائرن ۽ عزيزن اميد علي رند، دريا خان رند ۽ جوابدار ڌر طرفان علي گوهر جلباڻي ۽ گل جلباڻي، مير حسن مگسي ۽ غلام علي زرداري شريڪ ٿيا، جڏهن ته فيصلي ۾ ٻنهي ڌر جي امينن ۽ معززن اڳوڻي ايم پي اي ۽ پي ٽي آء اڳواڻ رئيس عنايت علي رند  جلباڻي برادري جي معزز سردار علي نواز جلباڻي جڏهن ته رند برادري جو چڱو مڙس ۽ پ پ اڳواڻ رئيس حضور بخش رند، رحيم رند، اڳوڻو ضلع ڪائونسلر چيئرمين سائينداد خان رند، محمد ابراهيم رند، حاجي خان رند، الطاف حسين رند  سميت ٻين معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جرڳي ۾ ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ سرپئنچ جلباڻي برادري جي علي گوهر جلباڻي کي ڏوهي قرار ڏيندي شرعي طور خون بها جي رقم ڀري ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪئي، ذريعن موجب فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڏوهي قرار ڏنل ڌر شرعي طور خون بها جي رقم ڀري ڏيندي ۽ تڏو به بخشرائيندي ۽ اڳتي هلي ڏوهي ڌر جيڪڏهن ملوث اصل جوابدار وائکا ڪري متاثره خاندان وٽ پيش ڪندي ته خون بها جي رقم واپس ڪئي ويندي، فيصلي موجب ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ٻه براددريون غلام علي زرداري ۽ مير حسن مگسي متاثره خاندان فريادي ڌر وٽ تڏي تي وڃي پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ کيس اعتماد ۾ وٺندا، ذريعن موجب فيصلي جي لکت ڪئي وئي جڏهن ته ڌرين کي سوچڻ لاءَ  هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي هڪ مهيني بعد فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو ويندو. ياد هجي ته ڏيڍ سال اڳ ھٿياربندن نوجوان وحيد رند کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا هئا، پوليس علي گوهر جلباڻي ۽ ٻين خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو جنهن بعد پوليس جاچ دوران غلام علي زرداري ۽ مير حسن مگسي جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.