شھزاد چانڊيو جي قتل کي 17 ڏينهن ٿي ويا، جاچ ۾ اڳڀرائي نٿي

پکو (ن ع آ) پکو پريس ڪلب ۾ چانڊيا اتحاد پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن عبدالمالڪ چانڊيو , ضمير حسين ۽ رئيس خداڏنو چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان شھزاد چانڊيو واقعي جي مذمت ڪندي ملوث پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آھي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شريف آباد واري علائقي ۾ پوليس ھٿان قتل ڪيل نوجوان شھزاد ڇانڊيو واقعي کي 17 ڏينھن گذري ويا آھن پر ملوث اھلڪارن خلاف ڪو به ڪيس داخل ناھي ڪيو نه ئي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي گذريل ڏينھن سنڌ اسيمبلي آڏو انصاف لاء ڌرڻو ھنيو پر چونڊيل نمائندن سميت ڪنھن به نوٽيس نه ورتو نه ئي متاثر خاندان سان ڪا ھمدردي ڪئي افسوس جھڙي ڳالھ آھي ته تڪ جو چونڊيل نمائندو پ پ ايم پي اي گھنور اسراڻ اسيمبلي ۾ موجود ھُجڻ باوجود ٻاھر نه آيو ،اھڙي واقعي جو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ قاتل ايس ايڇ او کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته قاتل پوليس اھلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو ته اسان چانڊيا اتحاد پاڪستان جي پليٽ فارم تان سول سوسائٽي تنظيمن کي سڏ ڏئي پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندي گھنور اسراڻ جو گھيراءُ ڪنداسين جيڪو ھن وقت تائين متاثر خاندان وٽ ناھي پھتو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.