راڻيپور۾پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ادارن ۾ ٽڪراءُ ڪم بند

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي ٽائون آفيسر تاج محمد ڪورائي اسڪارپ کاتي جي آفيس جي ديوار ٻاهران دڪان ٺهرائي رهيو هو ته اسڪارپ کاتي جا ملازمن پهچي ويا. جن اتي ڪم ڪندڙ مزدورن کان هلندڙ ڪم کي بند ڪرايو.جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.ان موقعي تي اسڪارپ کاتي جي ملازمن ٽائون آفيسر کي گارگند ڪري ڌمڪيون ڏيڻ لڳا.اھڙي واقعي جي خبر ملڻ تي وڏي انگ ۾ شھري، صحافي ۽ پوليس اتي پھتي. جنھن بعد ٽائون آفيسر تاج محمد ڪورائي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڄاڻايل پلاٽ ٽائون ڪاميٽي جي مليڪت آهي جنهن تي دڪان ٺهرائي رهيو آهيان ۽ ان عمل سان بيروزگاري جو خاتمو ايندو ۽ ٽائون ڪاميٽي جي انڪم ۾ واڌارو ٿيندو.ھن وڌيڪ چيو تہ اسڪارپ جي حد پنھنجي آفيس جي ديوار اندر آھي ديوار جي ٻاھران اسڪارپ کاتي جو ڪوبہ تعلق نہ آھي.ھنن ھروڀرو مون سان غلط زبان ۽ غلط الفاظ استعمال ڪيا آھن. جڏھن ته ٻئي طرف اسڪارپ کاتي جي ايس ڊي او سليم ميمڻ صحافين اڳيان پنھنجو موقف ڏيندي چيو ته اسڪارپ آفيس جي ديوار اندر ڪم ھلي رھيو ھيو جيڪو اسان بند ڪرايوسين.ھنن وڌيڪ چيو تہ اسڪارپ آفيس جي ديوار ٻاھران اسان جو پلاٽ سان ڪو به تعلق نه آھي.اسان جي آفيس جي ديوار اندر اسانجي کاتي جي ملڪيت آھي. جنھن جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. ان تي ڪنھن کي به ڪنھن به صورت ۾ قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. جڏھن ته ٻنھي ڌرين جي آفيسرن کي پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ تائين ڪم بند رکڻ جي لاءِ شھرين چيو جنھن تي ٻئي ڌريون راضي ٿي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.