حيدرآباد ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج جو اعلان

حيدر آباد (پ ر) حيدرآباد ۾ پاڻي جي شديد بحران، مختلف علائقن ۾ گندي پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، 16 سيپٽمبر تي ڪمشنر آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو،سهيل ڀٽو، يوسف خاصخيلي، ماجد ڏنوار، اسد مغيري ۽ حمز علي چانڊيو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قاسم آباد سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جو بحران آهي، ماڻهو پاڻي ڦري لاءِ تڙپي رهيا آهن پر واسا جي نااهل انتظاميا مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته ڊي جي ۽ ايم ڊي واسا شهر کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، اڪثر علائقن ۾ هفتن جا هفتا پاڻي نه ٿو اچي، جتي پاڻي اچي ٿو اهو گندو هجڻ ڪري پيئڻ لائق نه آهي، گندو پاڻي پياري انساني جانين سان کيڏيو پيو وڃي، هنن چيو ته ايم ڊي ۽ ڊي جي واسا خلاف خميس ڏهاڙي 16 سيپٽمبر تي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، عوامي مسئلا جلد حل نه ٿيا ته واسا جي نااهل انتظاميا خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.