ٺٽي ۾ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊر) جنگشاھي ويجھو ڪوھستاني پٽي جي رھواسي جاکرا برادري جي اڳواڻن ھوتن جاکرو، درياء خان جاکرو، غلام رسول، محمد خان، اڪبر جاکرو ۽ ٻين پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ 3 راتيون اڳ گل احمد ونڊ پاور ڪمپني ۾ 6 چور داخل ٿي ٽامي جون قيمتي تارون چوري ڪندي سيڪيورٽي گارڊن سان اٽڪي پيا، جنھن ۾ ھڪ چور مارجي ويو، جڏھن تہ ٻن چورن کي جھلي نوري اباد پوليس حوالي ڪيو، پر نوري اباد پوليس چورن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء پڪڙيل چورن کي بہ آزاد ڪري اسانجي برادري جي 4 پورھيتن جن م مجيد جاکرو، جڙيو، ظھير ۽ ممتاز جاکرو شامل آھن، جيڪي ڪمپني جا ملازم آھن، انھن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي،جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي. ھنن ايس ايس پي ڄامشورو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ آزاد ڪيل چورن کي گرفتار ڪري انھن خلاف ڪاروائي ڪري سندن بيگناھ گرفتار ڪيل 4 پورھيتن کي ازاد ڪري کين نوري آباد پوليس جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي. ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.