پنو عاقل لڳ پيرسن پر اسرار نموني فوت، وارثن جو پوليس تي تشدد ۾ مارڻ جو الزام

پنو عاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش جتوئي ۾ پيرسن پر اسرار نموني فوت، ڊي آءِ جي سکر جي حڪم تي سانگي پوليس ايس ايڇ او محمد خان سيال جي اڳواڻي ۾ آڪڙا پرچي ۽ جوا جي اڏن تي ڇاپا ھڻي پنجن ڄڻن کي سوگھو ڪرڻ کانپوءِ مٿن جدا جدا 2 ايف آءِ آريون داخل ڪيون ويون، ھوڏانھون سانگي لڳ ھڪ پيرسن عثمان(عرف) سالو جتوئي پراسرار نموني فوت ٿيڻ بعد پوليس ۽ جتوئي برادري جي ماڻھون کيس جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو،ان ڏس ۾ جتوئي برادري جي ماڻھون جو چوڻ آھي ته اسان جي پيرسن کي پوليس تشدد ڪري ماريو آھي،ھوڏانھون ايس ايڇ او سانگي محمد خان سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ڊي آءِ جي سکر جي حڪم تي سانگي لڳ آڪڙا پرچي ھلائيندڙن کي سوگھو ڪري مٿن ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ کجن جي باغ ۾ جوا کيڏندڙن  تي ڇاپو ھنيو ته جواري ڀڄڻ لڳا جنھن ۾ پوليس ٽن ڄڻن شمن،مھير ۽ شوڪت جتوئي کي سوگھو ڪري ورتو،جن مٿان به جوا ايڪٽ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي،ھن چيو ته اسان پوليس جو عثمان(عرف)سالو جتوئي مامري سان ڪو به واسطو نه آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.