جوهي ۾پاڻي کوٽ خلاف ڀان ۾ آبادگارن جا الڳ الڳ ڌرڻا

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل)  ڀان سيدآباد ۾ جوهي برانچ جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن سڪندر جمالي، ميهر گاڏهي، واحد بخش جسڪاڻي، آچر خاصخيلي ، ميوو خان جمالي  جي اڳواڻي ۾ باء پاس روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو،احتجاج دوران  پاڻي ڏيو، ظالمو ظلم بند ڪيو،  ايم پي اي جوهي ۽ ايم اين اي ڳولي ڏيو جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي جوهي جي آبادگارن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو تہ جوهي برانچ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ آهي جنهن سبب آبادگار فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن،جوهي برانچ ۾ منڍ جي آبادگارن کان ڳري رشوت وصولي پاڻي چوري ڪرائيو پيو وڃي،پاڻي کوٽ سبب زمينون غيرآباد بڻجي ويون آهن، آبادگارن کي ڪروڙين روپيا نقصان پهچي رهيو آهي. هنن چيو تہ جوهي جو پاڻي بااثر کڻي وڃن ٿا، آبپاشي عملدار پاڻي چوري ۾ ملوث آهن، زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، وياج تي ٻج ۽ ڪلر وٺي زمينن ۾ وڌو پر پاڻي نه هجڻ سبب ڪروڙين روپيا نقصان پهچي رهيو آهي، هنن ايم پي اي جوهي صالح شاه جي خلاف پڻ ڇتي نعريبازي ڪئي. هوڏانهن شهري ايڪشن ڪاميٽي ڀان سيدآباد پاران چيئرمين ڪاڪ محمد لغاري، علامہ محمد معشوق مجددي، شوڪت مري، خدابخش بروهي،معشوق لنڊ جي اڳواڻي ۾ پراڻي بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا ريلي پريس ڪلب وٽ پهتي جتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو تہ دائم برانچ ۽ ڀان مائينر شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادوکوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، آبپاشي ايس ڊر او وجي ڪمار پاڻ پاڻي چوري ڪرائڻ ۾ ملوث آهي، آبادگارن آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو ۽ وڏي وزير مراد علي شاه کان مطالبو ڪيو تہ پاڻي بحران جو نوٽيس وٺي پاڻي فراهم ڪري آبادگارن کي فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.