باڊهه کي تعلقي جو درجو نه مليو، هفتي وار احتجاج، تعلقي ٺاهڻ جي حق ۾ نعرا

باڊھه (ن ع آ ) سنڌ حڪومت ۽ باڊهه مان چونڊيل نمائندن جي ڪن لاٽار برقرار، واعدن باوجود باڊهه تعلقو نه ٿي سگهيو. باڊهه تعلقه موومينٽ پاران ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻيءَ ۾ شهرين باڊهه پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه کي تعلقو بڻائڻ جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه تعلقه موومينٽ ۾ شامل مختلف سياسي سماجي، مذهبي ۽ ادبي جماعتن سان وابسته اڳواڻن عزيز بروهي، علي انور عسڪري، دودو ديشي، فدا حسين تنيو، اصغر ساريو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل ۽ منظم سازش تحت هٿ وٺي باڊهه شهر کي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي ۽ ان سموري صورتحال جا ذميوار باڊهه مان چونڊيل ايم اين اي، ايم پي اي ۽ حڪمران ڌر  پ پ سان لاڳاپيل اڳواڻ توڙي ڪرتا ڌرتا آهن، جن باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ جي حوالي سان شهرين جي احتجاج ۾ شامل ٿي آواز اٿارڻ بجاءِ اکين تي پٽيون ٻڌڻ سان گڏ ڪنن ۾ غِفلت واري ڪپهه وجهي ڇڏي آهي. هنن چيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ تعلقه موومينٽ جا اڳواڻ توڙي شهري تڪ جي چونڊيل ايم پي اي، ايم اين اي، وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن ، ايم پي اي فريال ٽالپر، پ پ چيئرمين سان ملاقاتون ڪري سندن اڳيان هي جائز مطالبو رکيو آهي ۽ ان جي موٽ ۾ ذڪر ڪيل سمورين شخصيتن باڊهه تعلقي بڻائڻ جي نه رڳو خاطري ۽ واعدا پڻ ڪيا آهن، پر افسوس آهي جو هو پنهنجن ڪيل قولن کي پاڻي نه پيا ڏين صرف دلاسا ئي دلاسا ڏنا پيا وڃن، جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي، تيسيتائين اسان جي هيءَ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.