غوثپور اسپتال ۾ڊاڪٽرن جي کوٽ، مريض پريشان

غوثپور (ن ع آ) غوثپور شهر اندر قائم رورل هيلٿ سينٽر تي سهولتن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ هجڻ ڪري  شهر ۽ ڀرپاسي جو عوام ڏکيائين سان منهن ڏئي رهيو آهي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ھڪ به ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ناھي جڏهن ته هيلٿ سينٽر جي ايم ايس جي بدلي کي تقريبن مهينو گذرڻ باوجود ٻيو ايم ايس مقرر نه ٿيڻ سان گڏوگڏ  ڊيوٽي تي مقرر اسٽاف مان ڪو هڪ به زميواري سان پنهنجي ڊيوٽي ڪون پيو ڪري نه ئي پيرا  ميڊيڪل اسٽاف پنهنجي ڊيوٽي ڪري پيو. سرڪاري اسپتال  ويران ، جڏهن ته رورل هيلٿ سينٽر ۾ عملو توڙي لوور اسٽاف ڊيوٽي تان غيرحاضر هجن ڪري شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا ماڻهو بغير علاج ڪرائڻ جي واپس گهر ڏانهن موٽي وڃڻ تي مجبور آهن جڏهن ته رورل هيلٿ سينٽر مان ٻيون ڪيتريون دوائون غائب رڳو کنگ وارا سيرپ موجود آهن. هوڏانهن  ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او کي ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود به اسپتال جي ماحول ۾ ڪو سڌارو ڪون آيو نه ئي وري ڊاڪٽر يا ڪو پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڊيوٽي جو پابند ٿي سگهيو آهي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي ڊاڪٽرن جي کوٽ ڄاڻائي لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي شهر جي نوجوان اتحاد ۽  علائقي واسين  صحت کاتي جي اعلي اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته شهر اندر قائم رورل هيلٿ تمام تر سهولتون ڏنيون وڃن نه ته ٻئي صورت جلد قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.