گهوٽڪي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، امن ڪرايو، ايس ايس پي هٽايو جا نعرا

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا ايس ايس پي گهوٽڪي هٽايو ، امن ڪرايو جا زوردار نعرا , گهوٽڪي جي مختلف سياسي , سماجي اڳواڻن شهري اتحاد جي رئيس الله وسايو گهوٽو ، لالا قيصر زمان پٺاڻ ، لالا عقيل پٺاڻ ، مجاهد سخي جان چاچڙ ، مولوي الله ڏنو چنا ،مولوي غلام رسول ڪلهوڙو ، نور بخش بروهي ، رئيس محمد ملوڪ ڀٽو ،  شربت لغاري ، بيشم لال، گنو مل ، وڪرم لال ، سڌام چند لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب گهوٽڪي کان پاڪستان چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي شهرين ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي اندر گذريل ڪيتري عرصي کان بدامني عروج تي پهتل آهي ، چوريون ڦرون ۽ اغوائون روز جو معمول بڻيل آهن ، جنهن ڪري شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن ، جڏهن ته گهوٽڪي پوليس شهر ۾ امن بحال ڪرڻ بجاءِ  خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ هتان جا چونڊيل نمائندا به شهر جي امن امان تي خاموش بڻيل آهن ، هنن چيو ته گهوٽڪي مان هڪ هفتو پهرين کير وڪرو ڪندڙ پورهيت الف واسو اغوا ٿي ويو جيڪو اڄان تائين بازياب ناهي ٿيو , پوليس خاموش بڻيل بڻيل آهي ، جڏهن ته هندو برادري سان پڻ ويڌن جاري آهي ميرپور ماٿيلو مان ڦورن ڏينهن ڏٺي جو وڪرم لال جي گهر ۾ گهري ڦر ڪري گهر ڀاتين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ، جڏهن ته سنگرار مان معصوم 7 سالا پريا ڪماري اغوا ٿي وئي آهي، پر روهڙي ۽ سکر پوليس پڻ خاموش تماشائي بڻيل آهي ، جنهن ڪري هندو برادري خوف ۾ ورتل آهي، هنن چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جو ذميوار ايس ايس پي گهوٽڪي آهي، جنهن کي فوري هٽايو وڃي، احتجاج ڪندڙ چتاءُ ڏيندي چيو فوري طور الف واسو ۽ شهر ۾ وڌندڙ بدامني ختم نه ڪرائي وئي  ته شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي،  ان موقعي تي شهرين چيف جسٽس ، سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته فوري طور گهوٽڪي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ،ايماندار آفيسر مقرر ڪري شهر جو امن بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.