کهڙا ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ گمس اسپتال ۾ فوت

کهڙا (ن ع آ)   کهڙا ۾ 10 ڏينهن اڳ ڳلو ڪپي خود ڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. گمس اسپتال ۾ فوت،  کهڙا جي غريب آباد پاڙي ۾ 10 ڏينهن اڳ ڳلو ڪپي خود ڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان نصير عرف اعجاز بوئو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو گمبٽ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ، هو ڳلو گهڻو ڪپجڻ سبب گذريل 10 ڏينهن کان گمس اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي علاج هيٺ هيو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو، ياد رهي ته 10 ڏينهن اڳ غريب آباد پاڙي واسي نوجوان نصير بوئي خود ڪشي جي ارادي سان  قئنچي هڻي پنهنجو ڳلو ڪپيو هو ڳلو ڪپجڻ سبب وارثن کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمز اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو جتي ڊاڪٽرن سندس ساهه جي نالي کي رپيئر ڪري وينٽيليٽر تي رکيو ويو ھو جتي ان پنھنجو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.