ٽنڊي ڄام ۾ پورهيت جي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

ٽنڊوڄام (ن ع آ) حيدرآباد ضلعي انتظاميا پاران حد دخلين جي آڙ ۾ پنڪچر ٺاھيندڙ پورھيت جو واحد سهارو دڪان پٽ ڪرڻ خلاف دلبرداشته ٿي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش، خبر موجب ٽنڊوڄام حيدرآباد ضلعي انتظاميا پاران حد دخلين جي آڙ ۾ پنڪچر ٺاھيندڙ پورھيت جو دوڪان ڊاھي پٽ ڪرڻ خلاف پورھيت مشتاق عرف مختيار خاصخيلي جو پنھنجي ٻارن ۽ پاڙي وارن سان گڏجي ضلعي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ جو ڪوشش ڪئي، جنهن کي پاڙي وارن ۽ واٽھڙن جي مدد سان روڪي ورتو ان موقعي تي متاثر مشتاق خاصخيلي چيو ته ضلعي انتظاميه مون سان ظلم ڪيو آھي منهنجو دڪان منهنجي ٻچن جي پيٽ گذر جو آخري سهارو ھو، هن چيو ته موٽرسائيڪل کي پنچر هڻي گهر جو جو چلهو دڪان مان ڪمائي هلائيندو هئس جنهن کي به ضلعي انتظاميه حد دخلي ڄاڻائي پٽ ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته پنهنجي دڪان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي دڪان آھن پر انهن جي هڪ سر به ناهي ٽوڙي وئي پورهيت وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ضلعي انتظاميا پاران منهنجي دڪان سان گڏيل لائبريري جيڪا ميونسپل جي ملڪيت آھي پوء ته اها به غير قانوني آهي ان کي به ڊاٿو وڃي ها، ان چيو ته آئون 30 سالن کان ان ئي دڪان تي ٻچن جو گذر سفر ڪري رهيو آهيان ڪي ئي حدخلين وارا آيا ويا انھن اڄ ڏينهن تائين دڪان نه ڊاهيو هيو پر هنن منهنجو سڄو دڪان ڊاهي پٽ ڪيو آ جڏھن منهنجو دڪان روڊ جي حد ۾ اچي به نه پيو پر هنن اهلڪارن جي زور تي دڪان ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيو هن چيو ته منهنجو دڪان مير عطا محمد ٽالپر پنهنجي ذاتي پراپرٽي مان سال 1937 ۾ منهنجي والد چنيسر ڪاسائي کي ڏنو هو جيڪو اڄ تائين منهنجي قبضي ۾ آھي ۽ ان مان ئي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري رهيو هئس پر ظالمن دڪان ڍاهي مونسان ظلم ڪري ڇڏيو آھي، پورهيت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ضلعي انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪري مون کي ٻيهر دڪان ٺهرائي ڏنو وڃي. هن چتاء ڏيندي چيو ته اگر مون سان انصاف نه ڪيو ويو ته ٻي صورت ۾ ميڊيا سامهون آئون پنهنجو پاڻ کي ٻچن سميت باھ ڏئي ساڙيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.