منهڙو لڳ نينگري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

منهڙو(ن ع آ)منھڙو ڀرسان پٻجو ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ سرائي غلام علي لاشاري جي ويجهو ويٺل اوڏ برادري جي نينگري سنديا اوڏ ڌي مور اوڏ گھرو اڻبڻت تان پسٽل جا فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي اھڙو اطلاع حد جي ٿاڻي پٻجو پوليس کي ڏنو ويو  جنھن بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء دولتپور صفن  کڻائي وئي آهي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.