مٽياري ضلعي ۾ ڪرپشن، بدامني ۽ منشيات خلاف احتجاجي ريلي

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ضلعي  ۾ ڪرپشن  بد امني منشيات ۽ ٻين سماجي برائين خلاف جي يو آء فنڪشنل۔مسلم ليگ ن۔ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ شھري اتحاد پاران نصير ميمڻ سليم سنڌي۔۔رشيد ڏيٿو, ڄام شوڪت ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماشاء الله  هائوس قومي شاهراه کان درگاه سرور نوح روڊ تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻھن ضلع انتظاميه توڙي سنڌ حڪومت خلاف شديد نعره بازي ڪئي ۔اڳواڻن جو چوڻ هو ته مٽياري ضلع ۾ ھڪ طرف ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف هتان جي تيل ۽ گئس جي زخيرن تي مقامي ماڻھن کي نظر انداز ڪندي ٻين صوبن جا ماڻھو مقرر ڪيا پيا وڃن هنن چيو ضلع اندر منشيات خود پوليس جي سرپرستي ۾ ھلي پئي ته ٻئي طرف روزانه ڌاڙا ڦرون به عام بنيل آھن ليڪن ضلعي جي انتظاميا ۽ پوليس  اگھور ننڊ ستل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.