لاڙڪاڻي لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، عورت ۽ ٻارڙي سميت 4 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو تعلقي ٿاڻي جي حد درگاهه يوسف شاهه جيلاني وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار وڳڻ ويجهو ڳوٺ جعفراڻي واسي 18 سالن جو نوجوان اسد چنه سندس امڙ فوزيه خاتون، 4 سالن جو ڀاءُ حسيب علي ۽ سندس پيرسن ڏاڏي سعيده چنه سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڪار ڊرائيور فوري طور پنهنجي ڪار ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي جتي چئن سالن جي ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي زخمي نوجوان اسد چنه ٻڌايو ته اسان دوا وٺڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان لاڙڪاڻي جي اسپتال اچي رهيا هئاسين ته درگاهه يوسف شاهه جيلاني وٽ تيز رفتار جو اوچتي موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اسين زخمي ٿيا آهيون. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.