لطف لطيف تي جديد تحقيق ڪئي، جيل به ڪاٽيا: مقرر

ڏوڪري (ت ر )سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي ٽين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ ملھائي وئي. تقريب جي صدارت سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري ياسر منگي ڪئي ۽ خاص مھمان اقرار پيرزادو، ڪامريڊ مجيب پيرزادو، نوجوان شاعر عاقل ڪلھوڙو ۽ ظھير بسمل ھئا.  جڏھن ته شھبار سولنگي، شير خان پيرزادي، مجيب سولنگي، امام ٻٽ، سائٿ سومري، دانيال پيرزادي، ڪھاڻيڪار قربان جتوئي، ليکڪ محمد عثمان جوڻيجي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته لطف پيرزادو شاھه جو شارح ۽ حقيقي فقير ھو، جنھن عوامي ڀلائي جا ڪم ڪيا ۽ لطيف تي جديد تحقيق ڪئي جيل ڪاٽيا ۽ سندس نوجوان پٽ جي شھادت ٿي. مجيب پيرزادي چيو ته لطف عوامي جدوجھد تي يقين رکندڙ ھو. ھن کي شروعاتي سبق ڄام ساقي سيکاريا. ظھير بسمل چيو ته سندس نوجوان پٽ جي شھادت تي به ھن جا حوصلا بلند ھئا . عاقل ڪلهوڙو چيو ته لطف سان گھاريل گھڙيون ئي سجايون آھن. اقرار پيرزادي چيو ته لطف شاھه جي رسالي ۾ ڌرتي واسين جي  دردن جا درمان ڳوليا، ھن جي اڳياڙي توڙي پڇاڙي سجائي گذري.  صدارتي تقرير ڪندي ياسر منگي چيو ته لطف جو س ا س سان اٽوٽ رشتو ھو. ھن سچ جي ڳولا ۾ سڄي عمر گزاري.  تقريب ۾ علي بخش پٺاڻ، نوازڪلھوڙو، آغاز پيرزادو، صحافي عبدالحق پيرزادي سميت سياسي سماجي ادبي اڳواڻن سميت ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن ته استاد طالب حسين چني ترنم ۾ڀٽائي جا بيت ءِ وايون پڙھيون، پروگرام جي ڪاروائي نوجوان نثر نويس فلڪ ٻٽ ھلائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.