ڪنري ۾ رازي تي تشدد، احتجاجي مظاهرو

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ ٽائون ڪميٽي جي صفائي عملي جي وارڊ انسپيڪٽر پاران جڳھ جو ڪم ڪندڙ رازي تي مارڪٽ، تشدد، چيلھ جي ھڏي ٽٽي پئي، ويڊيو وائرل ٿيڻ باوجود پوليس ڪا ڪاروائي نه ڪئي، احتجاجي مظاھرو. انصاف ۽ تحفظ جي گھر. تفصيل موجب ڪنري شھر جي چاندني چوڪ وٽ ٽائون ڪميٽي ڪنري جي صفائي عملي جي وارڊ انسپيڪٽر پاران رازي جو ڪم ڪندڙ پورھيت ڀيرو مينگھواڙ کي سخت مارڪٽ جو نشانو بڻايو ويو. جنھن سبب سندس چيلھ جي ھڏي ڀڃي پئي. متاثر پورھيت دانھن کڻي ڪنري ٿاڻي تي پھتو. جتي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري کيس علاج لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو. پورھيت اسپتال مان علاج بعد پريس ڪلب ڪنري پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھرين متاثر پورھيت ڀيرو ميگھواڙ وارثن سروڻ، نند لال، امولک ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته ڀيرو ميگھواڙ صبح جي وقت پنھنجي رازي جي مزدوري دوران جڳھ جو تعميراتي ڪم پئي ڪيو ته ٽائون ڪميٽي جي صفائي عملي جي انسپيڪٽر ياسر پٺاڻ حملو ڪري گٽر نالو بند ڪرڻ جو الزام مڙھي سخت مارڪٽ ڪئي. ھنن چيو ته انسپيڪٽر گارگند ڪندي تشدد جو نشانو بڻايو جنھن سبب ڀيرو جي چيلھ جي ھڏي ڀڃي پئي. جنھن بعد شھر جي ماڻھن وچ ۾ پئي جان بچائي. دانھن کڻي ٿاڻي تي وياسين پوليس رپورٽ داخل ڪري ڪيس داخل ڪرڻ لاءَ ميڊيڪل رپورٽ آڻڻ جي ھدايت ڪئي. ھنن چيو ته انسپيڪٽر ۽ سندس پٽ ھاڻ مڇرجي پيا آھن ۽ جان کان مارڻ جو موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن. اسان غريب مسڪين ۽ پورھيت ماڻھو آھيون. جان کي خطرو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته انسپيڪٽر ۽ سندس والد خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ھوڏانھن پورھيت ڀيرو تي تشدد جا سي سي ٽي وي فٽيجز ۽ پورھيت تي تشدد ڪندڙ انسپيڪٽر جي والد پاران پورھيت کي وچ بازار ۾ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي ويڊيوز سوشل ميڊيا تي اچڻ باوجود سندس خلاف ڪنھن به قسم جي ڪابه ڪاروائي سامھون ناهي اچي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.