عمران خان ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي:راشد محمود

گمبٽ(ن ع آ) گمبٽ ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلعي خيرپور ميرس جي طرفان گمبٽ جي مقامي ھوٽل ۾ مجلس عمومي جو اجلاس ۽ سماجي اڳواڻ حافظ گل محمد مري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو جنھن ۾ مھمان خاص قائِدِ سنڌُ علامہ راشد خالدمحمود سومرو، مولانا محمدرمضان ڦلپوٽو،مولانا مفتي ثناءُ ﷲ جمالي، مولانا نعمت ﷲ شيخ ،مولانا اسدﷲ کھڙو،مولانا ارشد کھڙو، مولانا احسان ﷲ ڳھنڀير، مولانا سید احمد شاھ جیلانی مولانا محمد اويس ڦلپوٽو  سميت ٻين عمومي ميمبرن سميت سوين جميعت علماء اسلام جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود ڳالهائيندي چيو ته جي يو آئي ملڪ جي ٽيون نمبر  وڏي پارٽي آهي وزير اعظم پاڪستان عمران خان ملڪي معيشت کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ملڪ ۾ ڄمندڙ ٻار به لکين روپين جو قرضي آهي عمران خان ڪوڙو وزيراعظم آهي جنهن قوم سان ڪوڙ ڳالائي ووٽ ورتا آهن عمران خان جو هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاه لکن گهر ڏيڻ وارو وعدو هن وقت تائين پورو ناهي ٿي سگهيو وفاقي حڪومت روزگار ته ناهي ڏنو پر روزگار سان لڳل لکين ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي جيڪي فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، علام راشد خالد محمود سومرو وڌيڪ ڳالھيندي چيو ته سنڌ ۾ بدامني عروج تي آهي لاش به محفوظ ناهن لاشن سان به بدفعلي ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ هن وقت ڪرپشن عروج آهي سنڌي ماڻهو نااهل حڪمران جي غلط پاليسين جي ڪري بکو ڪاٽڻ تي مجبور آهن جي يو آئي حڪمراني نه ٿي گهري صرف اسلام تي عمل ڪرڻ گهري ٿي، افغانستان جي موجودا حڪومت ٻڌي ۽ طاقت سان سپرپاور ملڪ آمريڪا کي لوڏي ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم جي تحريڪ ڪاميابي طرف وڃي رهي آهي اهو ڏينهن پري ناهي جو عمران خان ملڪ ۾ موجود نه هوندو، رحيم يار خان ۾ مندر تي حملو ٿئي ٿو سپريم ڪورٽ ايڪشن۾ اچي ٿي پر ساڳيا جج مسجدن کي حددخلين جي آڙ ڏئي شهيد ڪرائن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.